Friday, August 21, 2015

زيب واٽر پارڪ شڪارپور

Un-edited
فيچر
زيب واٽر پارڪ شڪارپور
     اطهرالدين ابڙو رول نمبر 22                                                         
          اتر سنڌ ۾ ملڪ جي ٻين حصن جيان گرميءَ جي مند ۾ عام و خاص جو مشغلو پاڻيءَ ۾ وهنجڻ ۽ گرميءَ کي محسوس نه ٿيڻ جي هٿرادو نسخن کي آزمائڻ تي زور ڏنو ويندو آهي اهڙا ماڻهون به عام ڏسڻ ۾ ايندا آهن جيڪي موڪل جو سڄو ڏينهن گرميءَ سبب پپل، جي وڻ هيٺان ويهي انب ۽ ٻيا ميوا کائي ڪنهن واهه ۽ پُول ۾ وهنجندا رهن ٿا، اتر سنڌ جي هڪ مشهور ۽ تاريخي شهر شڪارپور ۾ گرميءَ جي موسم هجي ۽ عوام پاڻيءَ کان پري رهي ته اهو ناممڪن آهي ڇو جو جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جيان شڪارپور به تمام گهڻو گرم علائقو آهي هتان جا ماڻهون گرميءَ کان بچاءُ جا نسخا طبيبن وٽان ڪي عرق، ننڍن ڦوٽن جا شربت، ماکيءَ جو ٿڌي پاڻيءَ جو استعمال ۽ ڦاروان توڙي ٻين ميون جي کائڻ ۽ جوس جي استعمال جو وڪرو زور وڌندو وڃي ٿو.   صدين کان شڪارپور ۾ گرمين جي موسم پنهنجي عروج تي رهي آهي، هن علائقي کي جڏهن دائود پوٽن آباد ئي ڪونه ڪيو هو ته سنڌ نالي هڪ واهه هتان هڪ پاسي وهندو هو ته ٻي پاسي جهنگ هوندو هو شڪار سانگي ايندڙ هتي ماڻهون واهه تي وهنجي ڪري گرميءَ کي گهٽ ڪرڻ جا جتن پئي ڪندا هئا.
              هاڻي جڏهن ماحول تبديل ٿي چڪو آهي ۽ نوجوان نسل پنهنجي تفريح خاطر هڪ شهر کان ٻي شهر وڃڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا، اتي انهن پنهنجي وڏڙن واري پراڻي روايت قائم رکڻ ضروري ڄاتو آهي . هر ڏينهن ان گرميءَ جي مند ۾ صبح کان شام تائين واهن ۽ شاخن ۾ وهنجڻ بدران ڪنهن صاف ٽيوب ويلن جو رخ ڪري رهيا هئا ته اوچتو “زيب واٽر پارڪ” افتتاح موهي ڇڏيو جڏهن ته پارڪ جو افتتاح سندس ممتاز علي ڀٽي ڪيو.
       زيب واٽر پارڪ شڪارپور شهر ۾ سنڌ واهه جي ڀرسان جنو شريف ڏانهن ويندڙ اٽڪل 3 ايڪڙ زمين تي مشتمل پارڪ آهي جنهن ۾ چار پُول آهن وڏن لاءِ ٻه هڪ ننڍڙي ٻارن لاءِ ۽ هڪ فيملي لاءِ مخصوص آهي جنهن ۾  ڇهه سلائيڊون 200 فٽن تي مشتمل آهن جڏهن ته آرامدهه ڪرسين جو تعداد به ويهن  کان مٿي آهي هن پارڪ ۾ قدم رکڻ کانپو ائين محسوس ٿئي ٿو ته  شڪارپور کان ٻاهر ڪنهن وڏي شهر ۾ قدم رکيو هجي جتي تفريح سان گڏ وهنجڻ جو به صاف سٿرو ۽ بهترين نظام ٿيل آهي. اهو سڀ ڪجهه به ان ڪري به ائين محسوس ٿيندو آهي جو ان کان اڳ شڪارپور ۾  تفريح جو ڪو اهڙو مرڪز موجود نه هو.
         زيب پاٽر پارڪ اپريل 2015 ۾ جڙيو آهي جيڪو ٺهڻ سان ئي عوام جي نگاهن جو مرڪز بڻيو آهي سندس مالڪ نالي عبدالرشيد ڀٽو شڪارپور شهر جو مشهور زميندار ۽ ڪاروباري ماڻهو آهي. جنهن جي چوڻ موجب هيءَ پارڪ پنجن ڪروڙن جي لاڳت سان جڙي راس ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت 300 کان مٿي ماڻهون وهنجي سگهن ٿا. هن واٽر پارڪ جا وڏي حاڪ ٻڌڻ ڪري نا صرف شڪارپور پر لاڙڪاڻي، خيرپور ، سکر ، روهڙي  شهدادڪوت  ۽ جيڪب آباد  جا ماڻهون به اچي هتي پهچن ٿا. جنهن ڪري ڄڻ ته سدائين ميلو متل هوندو آهي.
       هن واٽر پارڪ ۾ اندر وڃڻ لاءِ في ماڻهون  کي 200 روپيه ٽڪيٽ ادا ڪرڻي پوي ٿي جڏهن ته سندن سامان جي حفاظت لاءِ 100 روپيا وڌيڪ ڏيڻا پون ٿا پارڪ جي اندر کاڌي پيتي جو انتظام پڻ ٿيل هوندو آهي. تازو هن ئي واٽر پارڪ اندر سلائيڊ تان ترڪندي هڪ شخص جو ڪنڌ بڄي پيو هو  جنهن سبب هو ٿڏي تي ئي گزاري ويو . اهڙن ڳالهن تي ڌيان نه ڏيڻ به انتظاميه جي نا اهلي آهي ان ڪري اهڙي قسم جي هندن تي نوٽيس ذريعي ضروري هدايتن کان آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن اهڙي قسم جي حادثن کان بچي سگهجي  ۽ انساني جانيون پڻ محفوظ رهن. 

BS-III Second semester August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment