Friday, August 21, 2015

پروفائيل پارس مسرور بدوي

پروفائيل
پارس مسرور بدوي
اطهرالدين ابڙو رول نمبر 22
سنڌ جي سر زمين علم ادب ۽ فن جي ميدان ۾ سکي ۽ ستابي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتان جي رهواسين پنهنجي فن ۽ فڪر سوچ لوچ ۽ ڏاهپ جي لاٽ ٻاري نوان نوان رنگ نکيڙي نروار ڪيا آهن ۽ پنهنجي ڪلا سان چوڏس روشني پکيڙي آهي هن ڌرتي ڪي ئي سهڻا سيبتا، املھ ماڻهو قابل ۽ لائق شخصن کي جنم ڏنو آهي. جنهن ۾ جديد دور جو هڪ اداڪار ۽ ڊائريڪٽر فن جي دنيا ۾ گهڻي وقت کان متعارف ٿي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.  هو اهو سوچي ٿو ته مان ننڍي هوندي کان ئي ڪجھ نه ڪجھ ڪري ڏيکاريو آهي منهنجي اندر جو آرٽسٽ ڏھ ورهيه اڳ نه پر ان وقت کان جنم وٺي جوان ٿيو جڏهن مان رانديون کيڏندو هئي. شايد ان جو وڏو سبب گهر ۾ مليل اهڙو ماحول به هجي يا وري جوش ۽ جذبي کينس ان منزل تي پهچايو ته اسٽيج جي دنيا تان آساني سان ٽيليويزن تي متعارف ٿيو ۽ پنهنجي فني صلاحيتن کي نروار ڪري پاڻ مڃرائي رهيو آهي. قدرت انسان کي ڏات جي زيور سان نوازيندي آهي ۽ هر شخص کي ڪا نه ڪا ڏات عطا ٿيل آهي پر اهي ماڻهو وڌيڪ خوشنصيب ٿيندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت گهڻن صلاحيتن جا مالڪ هجن.
 اڄ جنهن شخصيت جو تعارف پيش ڪندي آءُ سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان سو پارس مسرور بدوي آهي .
5 ڊسمبر 1982ع تي ميرپورخاص ضلعي ۾ جنم وٺندڙ پارس جو خاندان سنڌ جي علمي ادبي ۽ فن جي دنيا ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي. پارس ان ڳالھ تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ته هو ڀلي ميرپورخاص ۾ ڄائو هجي پر سندس وڏڙا شڪارپور سان تعلق رکن ٿا. تنهنڪري هو پاڻ کي شڪارپوري سڏرائڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ٿو ڪري. پارس جو ڏاڏو فقير غلام علي مسرور بدوي اتر سنڌ جو وڏو شاعر، اديب ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. جنهن کي راڳ سان به چاھ هوندو هو. پارس جو والد بيدل مسرور بدوي سنڌ اندر راڳ کان لکڻ تائين جي حوالي سان گهڻن ئي پهلوئن کان مشهور آهي.
  پارس پنهنجي گهڻي مصروفيت هجڻ باوجود ٻڌائي ٿو ته هو ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پڙهڻ وارو سلسلو اڃا به جاري آهي. ايڊورٽائيزمينٽ ۽ شوبز جي حوالي سان مختلف دورن ۾ گهڻو ڪجھ سکي ۽ پڙهي چڪو آهي. پارس هڪ دلچسپ ڳالھ ٻڌائي ٿو ته هن کي والدين انجنيئرنگ ۾ پنهنجون لياقتون مڃرائڻ لاءِ چيو هو پر سندس ڌيان سوشل سائنس ڏانهن وڌيڪ مائل هو. هڪ ڀيري وجهه وٺي هن پنهنجي والد سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته آئون ان ئي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن ۾ اوهان ڏينهن ۽ رات محنت ڪري رهيا آهيو. پارس ناپا جو فرسٽ گريجوئيٽ آهي ۽ ڪراچي توڙي زيبيسٽ ۾ ميڊيا شعبي جي شاگردن جو مددگار پڻ آهي. 

اها ڳالهه شايد ڪن گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته پارس مسرور بدوي ميڊيا جي دنيا کان علاوه اسڪيچنگ پينٽنگ ۾ به مصروف رهندو آهي ۽ راڳ کي ٻين جيان روح جي راحت ۽ غذا تسليم ڪري ٿو. پنهنجي والد  جي لائبرري ۾ گهڻو وقت گذاريندڙ پارس کي قلمڪارن مان امر جليل، شمشيرالحيدري ۽ پنهنجو والد بيدل مسرور اديب جي صورت ۾ جڏهن ته شيخ اياز، امداد حسيني، مرزا غالب، ناصر قاضمي، فيض احمد  فيض جي شاعري تمام گهڻي وڻندي آهي. هو اردو جي ليکڪن ۾ منٽو، اشفاق احمد ۽ ڪرشن چندر کي گهڻو پڙهندو آهي. 

فني حوالي سان پارس مسرور بدوي جي ڪيل ڪم تي نظر ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته هو نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس سان لاڳاپيل آهي، تنهنڪري کينس ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر به ڪيترائي پروڊڪشنس ڪرڻ جا موقعا مليا آهن. هو اداڪار ٿي هن فيلڊ ۾ آيو ۽ سندس پهريون ڪمرشل ڊرامو سفيد خون پاڻ مڃرايو جنهن جو ڊائريڪٽر ضياءُ مهيدين ان کان علاوه ٻين اردو ڊرامن جناب اعلي مر چڪي هين، وڪيل صاحب، جاني پهچاني، اجنبي، نيڪ پروين، بيگم جهان”  ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي چڪو آهي. هو هڪ اردو چينل تان “ڪوئي ديکهي نه ديکهي شبير تو ديکهيگا”  مشهور ڪرائيم انويسٽيگيشن پروگرا۾ ڪري چڪو آهي. جنهن 03 سال عوام کي ڏوهن جي واقعن کان آگاه ڪيو. پرفيوم چوڪ جي نالي سان مزاحيه پروگرام به سندس کاتي ۾ آهي. هو ڊرامن ۽ پروگرامن کان علاوه ٽيلي فلم به ڪري رهيو آهي. 

هاڻي هو سنڌ ٽي وي سان وابسطه آهي ۽ ڊائريڪٽر ٿيڻ جي حوالي سان گهڻو ڪجه سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، دعا آهي ته اسانجو هي نوجوان پنهنجون صلاحيتون شوبز جي دنيا ۾ ظاهر ڪري گهني ترقي حاصل ڪري.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment