Monday, August 17, 2015

انٽرويو: نظر محمد سومرو- عبدالسلام سومرو



انٽرويو
عبدالسلام سومرو
رول نمبر 05
نظر محمد سومرو
              سائين نظر محمد سومرو 17 فيبروري 1962 ع تي موئن جي دڙي جي ڪکِ ۾ واقع تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عابد سومري جي گهر ۾ هن دنيا ۾ اک کولي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي تمام محنتي ۽ هوشيار هو. هن ابتدائي تعليم اباڻي شهر ڏوڪري مان پرائڻ کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان ايگرانامي شعبي ۾ ايم ايس سي ڪيائين ان بعد ٿورو وقت گذرڻ سان ئي 02 مارچ 1996ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ليڪچرر طور ڀرتي ٿيو. هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر تائين پهچي چڪو آهي. سندس رويو سدائين ماٺيڻو ۽ همت افزائي ڪندڙ رهيو آهي. ساڻس ڪيل ڳالھ ٻولھ روشني جي پڙهندڙن جي سامهون رکجي ٿي.

سوال01؛ زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ٽوٽل ڪيترا شعبا آهن ۽ شاگردن جو تعداد ڪيترو آهي؟
           جواب؛ زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ ڪل ڏھ شعبا آهن جن ۾ ايگرانامي، پلانٽ بريڊنگ، سوائل سائنس، اينٽامالاجي، پيٿالاجي، پلانٽ پروٽيڪشن، هارٽ ڪلچر، پاڪستان اسٽڊي، اسلاميات ۽ انگريزي شامل آهن ۽ هتي جي شاگردن جو تعداد تقريبن 300 کان 400 جي لڳ ڀڳ آهي.
سوال 02 ڇا هتي جي شاگردن کي ليباريٽري جو ڪم ڪرائيندي ڪي نيون جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن؟
جواب ها بلڪل. هتي سڀني شاگردن کي ليباريٽري ۾ ڪم ڪرايو وڃي ٿو پر گهڻي قدر آخري سال جي شاگردن کي ٿيسز جي صورت ۾ ۾ ٻجن تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويندو آهي جنهن سبب ڪجھ ڪڻڪ ۽ چانورن جون مختلف جنسون متعارف ٿي چڪيون آهن.
سوال 03؛ سنڌ اندر زراعت جي موجوده صورتحال ڇا آهي؟
  جواب  تازو آيل ٻوڏ جي ڪري سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي، جنهن ڪري ماڻهن جا فصل تباھ ٿي چڪا آهن ۽ زراعت تي ڀاڙيندڙ ماڻهو ٻڏ ترِ جو شڪار آهن ۽ تقريبن زراعت جي ڪم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.
سوال 04؛ سنڌ جي هارين جي پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڇا آهي؟
جواب؛  اهو هڪ ڪڙو سچ آهي ته سنڌي ماڻهو مڙئي گهڻي محنت کان الائي ڇو ڪيٻائيندا رهندا آهن. جنهنڪري سدائين پستين جو شڪار رهندا آهن ۽ پوئتي ڌڪجي ويندا آهن، ساڳي حالت اسان جي هارين نارين جي پڻ آهي، نتيجي ۾ ٻين صوبن جا هاري هتان جي هارين کان بهتر پوزيشن ۾ آهن ۽ ٻئي طرف هتي جا زراعت ڪندڙ پورهيت جديد ٽيڪنالاجيءَ کان مڪمل طور اڻ ڄاڻ آهن جيڪو پڻ پٺتي رهڻ جو مکيه سبب آهي.
سوال 05؛ زراعت سان سلهاڙيل ماڻهن کي ڪهڙا مسئلا درپيش اچن ٿا؟
جواب؛  اسان سان اهو هڪ وڏو الميو آهي جو زراعت ڪندڙ هاري هيٺئين طبقي جا ماڻهو ٿين ٿا جنهن ڪري هُو مجبورن ڪنهن وڏيري ننڍيري جي ڪڙمت لاءِ آماده ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته هر انسان کي گذر سفر ڪرڻ لاءِ ٻه ويلا مانيءَ جي ضرورت ته يقيني آهي انڪري غريب هاري غلاميءَ جي زندگي تي مجبورب ٿي تمام گهٽ اُجوري تي گذارو ڪن ٿا جيڪو منهنجي نظر ۾ تمام وڏو مسئلو آهي. ان سميت ٻيا پڻ ڪيترائي مسئلا آهن جهڙوڪ زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وڃڻ، پاڻيءَ جي کوٽ، فصل جو گهٽجي وڃڻ سميت ٻجن ۽ ڀاڻ جي اگهن وڌي وڃڻ ڪري پڻ هاري طبقو مسئلن سان منهن ڏئي ٿو.
 سوال06؛ ڇا مختلف دوائن جي استعمال سان زمين ۽ فصل تي ڪو اثر پوي ٿو؟
جواب؛  اڳ ۾ زمينون طاقتور هونديو هيون ۽ فصل به پاڻمرادو بنا ڪنهن ڀاڻ يا دوا جي بهتر ٿيندا هئا پر هن وقت زمينون ساڳيون نه رهيون آهن جيڪي سم ۽ ڪلر جي ڪري سٺي اپت ڏيڻ جي به قابل نه ٿيون رهن انڪري دوائن ۽ ٻجن جو استعمال مفيد ٿئي ٿو پر حقيقت ۾ پراڻيون زمينون اڄ جي زمينن کان هزار دفعا وڌيڪ بهتر هيون ۽ سندن اناج به وڌيڪ فائديمند هو.
سوال 07؛ زراعت کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا؟
جواب؛ مشينريءَ جي ايجاد انساني زندگيءَ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، اڳ جيڪي ڪم ماڻهو پنهنجي هٿن سان سرانجام ڏيندو هو (مسئلن هارپي جو ڪم، رونبو ڪرڻ، ٻج جي پوکائي ۽ لابارو وغيره) اهي تمام ڪم ڪار اڄ مشينن جي مدد سان ڪيا وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته ان ۾ وقت جي بچاءَ سان گڏ اپت به زياده ٿئي ٿي.انڪري هن وقت جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جي ڄاڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ سان ئي زراعت کي وسيع ڪري سگهجي ٿو.
سوال 08؛ زراعت جي شعبي ۾ شاگردن جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب؛ هر آئي ڏينهن زراعت جي ڪم ۾ تيزي ايندي پئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي سان گڏ وڌيڪ صلاحيتن جي پڻ ضرورت پوي ٿي ان ڪري زراعت جي پيشي جي چونڊ ڪندڙ شاگردن لاءِ پڻ نيون راهون کلنديون رهن ٿيون جيڪي سندن مستقبل سگهارو هجڻ جو ثبوت ڏين ٿيون.
سوال 09؛  نوجوانن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو؟
جواب ؛ شاگردن کي سڀ کان پهريان پنهنجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ کپي. چگن جي صحبت اختيار ڪري نشيدار شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. 
August 2015 
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment