Tuesday, August 18, 2015

انٽرويوـ امير بخش شر ڪالم نـگار ۽ ٽي وي اينڪر



   
Unedited
                                                          
انٽرويو
امير بخش شر
امير بخش شر سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ ڇن مير تاج محمد ٽالپر ۾ هڪ غريب هاري جي گهر جنم ورتو، هن پنهنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان پرائي جنهن بعد شآھ عبداللطيف ڪاليج ميرپور خاص مان انٽرميڊيئيٽ ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ۽ ايم اي ڪئي ۽ هاڻ سنڌ ٽي وي تي اينڪر طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج سڌارڪ پڻ آهي.   
          
سوال ـ اوهانجي شا گرد سياست سان وابستگي رهي يا نه؟
جواب ـ جيئن ته باقائد گي سان ڪنهن به ڪاليج ۾ نه پڙهڻ جي ڪري سڌو سئون سر گرم ڪو نه رهيس ـ پر جواني ۾ سنڌ نيشل اسٽوڊِ ينٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيس جيڪا ڪميونسٽ پــــارٽي آف پــاڪستان جي زيلي تنظيم هئي ـ ان جي پليٽ فا رم تان سرگرم رهيس .پر منظر عام تي ڪڏهن به ڪو نه آيس .

سوال ـ ڪالم لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟
جواب ـ 1978ع ۾ جڏهن ميرپورخاص جي ايليمينٽري ڪا لج مان (پي ـ ٽي ـ سي) جو ڪـــورس پڙهي رهيو هئس ته انهي زماني ۾ روزاني حلال پاڪستان ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن تي مضمون لکڻ شروع ڪيم جنهن کي ئي ڪالم لکڻ جو شروعات سمجھيو وڃي ٿو.

سوال ـ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
جواب ـ الــــــيڪٽرانڪ ميڊيا تي 2012  کان مختلف سنڌي چئنلن تي مهمان جي حيثيت سان آيس ۽جلد ئي ميزبان بڻجي ويس 2013ع کان اڃ تائين سنڌ ٽي وي نيوز تي هفتيوار پروگرام ڳالھ مڙئي ڳڙھ ڪندو آهيان.جنهن۾ حالات حاضرھ تي بحث ٿيندي آهي .ان کان علاوھ 2010کان2012تائين (FM-98  (
  تان عوامي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هڪڙي ڳوٺاڻي ڪچهري  هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪندو آهيان جنهن ۾
منهنجو مک ڪردار ڪاڪـــــي عارب جو آهي.(انهن ميڊيائي ڪمن جااسڪرپٽ کان ايڊيٽنگ ۽ ڊاريڪــــــشن جا سڀ ضما منهنجا هوندا آهن .پرنٽ ميڊيا جي حـــــــوالي سان يادگيرو اچي ٿو ته 1980 وارو  سال سانگهڙ مان نـڪرندڙ(ٽي ـ روزا)اخبار (الفقراءُ)جو انــــــچارج به رهيو آهيان ۽  1985ع جو سال پــــاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن اسسٽنٽ پروڊيوسر نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئر طور ڪم ڪيو اٿم.

سوال ـ ايم ـ آر ـ ڊي تحريڪ ۾ ڪيل خدمتن جي باري ۾ ڪجھ ٻـُڌايو؟
جواب ـ شهيد نظير عباسي جي شهادت کان پوءِ سياست سان مڪمل طور ڪناراڪش ٿي ويس۽
ايم ـ آر ـ ڊي تحريڪ ۾ ڪو به ڪردار نه رهيو آهي .

سوال ـ معاشري جي ڀلائي لاءِتوهان ڪهڙاڪم ڪيا آهن ؟
 جواب ـ
NGO
  جي پليٽ فارم تان گذريل ڏهن سالن کان پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهيان.

سوال ـ زندگي جي اهم واقعن بابت ڪجھ ٻڌايو؟  
 جواب ـ زندگي کوڙ ڏکوئيندڙ واقعن سان ڀريل آهي جيڪي منهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب راء پير
رت ڪيا مان ڏسي سگھجن ٿا.

سوال ـ  سنڌ جي موجوده صورتحال بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟
 جواب ـ موجوده سنڌ جي حالت ڏ کوئيندڙ۽ قابل رحم آهي،جنهن لاء روئي سگھجي ٿو.پر بــــــي همٿ  بڻجي صرف ميڊيا تي لکن ۽ ڳالهائن پيا.
 سوال ـ  ڪهڙين شين ۾ توهان وڌيڪ شوق رکندا آهيو؟
  جواب ـ سياست ۽ ادب ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ. ڪائنات جي فطري ۽ دنياوي سونهن جي تعريف ڪرڻ.

سوال ـ  اوهان جا ڪل ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪتاب لکيل آهن ؟
 جواب ـ مان ٽوٽل ٻه ڪتاب لکي چڪو آهيان جن مان” راء پير رت ڪيا”ڇپجي چڪو آهي ۽  ٻيوڪتاب ڪلهوڙا حڪمرانن جو پونئير جيڪو ڇپائي هيٺ آهي ۽اڻ ڇپيل مواد پڻ موجود آهي.

 سوال ـ  نوجوانن  پڙهندڙن لاء پيغام ؟
 جواب ـ  پڙهندڙن لاء پيغام اهو آهي ته پڙهو ۽ سنڌ جي سينڌ سنواريو نه ته سنڌ کي چوٽيل ڄورون رت چوسي وينديون.

                                
      August 2015 
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi



 

1 comment: