Tuesday, August 18, 2015

پروفيسر هيرانند لعل لطيف جو پارکو

Photo of the personality is required 
Put first wo quwtsions in introduction. In an interview interduction is must




پروفيسر هيرانند لعل اديب ۽ لطيف جو پارکو
ڳالھ ٻولھ  اصغر ناريجو  

  .اوهان جو جنم ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو؟
ج. منهنجو جنم ميرن جي رياست خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ بوزدار وڏا ۾ ڀوڄومل جي گهر۾ 5 جولاءِ 1962 ۾ ٿيو.

. شروعاتي تعليم  جي باري ۾ ٻڌايو؟
ج. منهنجو والد غريب خاندان سان تعلق رکندڙهو.زندگي غربت ۾ گذاري ، مون پرائمري تعليم جا سبق ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيا.مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺري ميرواھ ۽ انٽر اسلاميه ڪاليج سکر مان پاس ڪئي.وڌيڪ تعليم لاءِ بي اي ۽ ايم اي سنڌي ۾ 1990ع ۾ شآھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي.1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري گورنمينٽ ڪاليج ٺري ميرواھ ۾ ليڪچرار ٿيس.
  .اوهان جو سنڌي ادب ڏانهن لاڙو۽ چاھ ڪيئن ٿيو؟
ج. ننڍپڻ کان ئي پهنجي ٻولي ادب سان نينهن لڳل هو،واندڪائي ۾ پهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ سنڌي ادب،لطيف،سچل،سامي جا بيت پڙهندو هوس ۽ پوءِ صوفين جي ميلن اندر درگاهن تي ڪمپيئرنگ ڪندو هوس۽ انهي وقت ۾ ڪيترائي بيت، ڪلام ياد ڪيم،ائين علم ادب سان لاڙو وڌنڌو ويو.

 .اڄ جو نوجوان ادب سان دلچسپي گهٽ رکي ٿوان جا ڪهڙا سبب آهن؟
ج. اڄ جي نوجوانن جو شوق انهي ڪري گهٽ ٿيو آهي ته جو اهي شاھ سائين ،سچل سامي، فلاسافي۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۽ فڪر گهٽ پڙهن سمجهن ٿا.انهي پاسي سندن چاھ گهٽ آهي. پهنجي ٻولي ڏانهن به توجه نه ڏين ٿا۽ اهڙا والدين به انهن کي هدايت نٿا ڪن.ته اهي پهنجي ٻولي پڙهن،سمجهن،ڳالهائن، انهي ڪري نوجوانن جو لاڙو گهٽيو ٿو وڃي.

. اوهان جي آئيڊيل شخصيت ۽ خواهش ڪهڙي آهي؟
ج. منهنجي آئيڊيل شخصيت شاه سائين آهي،جنهن جي فڪر سان عشق آهي۽ انهي جي پرچار ڪندو آهيان.منهنجي خواهش اها آهي ته زندگي جو سفر سچائي ۽ محبت سان گذري ۽ سڀ ڪنهن سان پيار محبت هجي، ڇو ته زندگي مختصر آهي انهي ڪري ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجي.

.زندگي ۾ ڪو خاص ڪارنامو ۽ يادگار ؟
ج. زندگي ۾ ڪارنامن جا فيصلا تاريخ ڪندي آهي، منهنجو فيصلو به تاريخ ڪندي.زندگي يادگار واقعن لمحن جو داستان آهي، ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايون، جڏهن مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار ٿيم ته اهو منهنجو نه وسرندڙ لمحو آهي.

. توهان جو علم موسيقي سان تمام گهڻو شوق آهي،ڪهڙا فنڪار پسند آهن؟
ج.آئون واندڪائي ۾ صوفين جي محفلن،راڳ رنگ رهاڻ جي  محفلن تي ويندو آهيان ۽ شوق سان ٻڌندو آهيان،سڀئي فنڪار پسند آهن ۽ سٺو ڳائين ٿا پر انهن ۾ مرحوم ماسٽرابراهيم،استاد محمد جمن، عبدالله پهنور۽ عبدالله ڪڇي تمام گهڻا پسند آهن.

. اوهان کي لطيف سائين جي هر حرف سان بيت ياد آهن انهن کي ياد ڪرڻ جو سبب ۽ ڪيئن ياد ڪيا ؟
ج. آئون لطيف سائين جو رسالو روزانو صبح جو پڙهندو آهيان، پراڻي دور ۾ شاه سائين جا تمام سٺا پارکو هئا انهن سان تمام گهڻيون ڪچهرون ٿينديون هيون ۽ پاڻ  کي به شوق هو۽ آهي ائين ئي شاھ سائين جا بيت ياد ڪيم.

. شاھ سائين جو اوهان کي ڪهڙوبيت پسند آهي؟
ج. مون کي شاھ صاحب جو هي بيت تمام گهڻو پسند آهي ۽ اڪيلائي ۾ گنگنائيندو آهيان،
نڪي روئڻ واريون، نڪي اوسارين
مون کي ٿا مارين، مون سندا ڏکڙا.

.شاھ سائين جي شاعري ۾ ڪهڙو پيغام آهي؟
 ج.شاھ سائين جي شاعري ۾ امن،ڀائيچاري۽ محبت جو پيغام آهي.انهن جو پيغام هنن سٽن ۾ واضع آهي .
سائينم سدائينم ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

.سنڌ جي نوجوانن لاءِ پيغام ؟
ج. سنڌ جي نوجوانن لاءِ اهو پيغام آهي ته اهي پيار،محبت امن سان رهن ۽ ان جي پرچار ڪن، شاھ سائين،سچل،سامي جو پيغام فڪر پڙهن،سنڌي ٻولي کي اولين ترجيع ڏئي محبت ۽ چاھ سان پڙهن.

August 2015 
 This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment