Tuesday, August 25, 2015

ڀرت ۽ رلين جو هُنر, ڀانو مل



ڀرت ۽ رلين جو هُنر
(فيچر)
ڀانو مل 27
پروف ٿيل
ٿرپارڪر جا ماڻهو محنتي ۽ هوشيار آهن، هتي جي رهواسين جي هٿن ۾ قدرت واري اهڙي ڪاريگري سمائي آهي جو جنهن شئي کي هٿ لڳائن ڄڻ سون ٿيو وڃي ۽ اهڙي ڏات ونڊڻ مهل ڏاتار عورت مرد جو متڀيد ناهي رکيو. ٿرپارڪر جا جتي مرد هنرمند ۽ محنتي آهن، اتي عورتون به ڪنهن کان گهٽ نه آهن، جيڪي اڻپورين سهولتن ۽ گهرو مسئلن، بک بدحالي ۽ ڏڪاري حالتن جي باوجود هٿرادو هنر ۾ پنهنجو نالو ڪمائي چڪيون آهن.اڄ به ٿري عورت جا ٺاهيل چولا، چادرون، رليون، سڳيون، وهاڻا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون جيڪي ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور آهن. وقت ڪافي ترقي ڪئي آهي، سلائي۽ ڪڙهائي جا نت نوان اوزار ۽ مشينون ايجاد ٿي ويون آهن پر ٿري عورتن جي هٿن سان ٺاهيل ڪپڙن سان ڪوبه ميچ نه ٿو ڪري سگهي. سُئي کانسوءِ ٻيو ڪوبه اوزار استعمال نه ڪندڙ سگھڙ عورتون صدين کان جاري رهندڙ هنر کي زندهه رکنديون پيون اچن ۽ سندن سونن هٿن ۾ اڄ به اهائي خوبصورتي ۽ صفائي آهي، جيڪا هميشه کان رهندي آئي آهي. 
هن وقت مشينن جتي انساني قدر ۽ محنتون گھٽائي ڇڏيون آهن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي اتي سنڌ جي شهري عورتن تي به  وڏا اثر وڌا آهن ۽ اهي هٿرادو هنر کان پاسو ڪري ويون آهن،اڳ جتي مهينو مهينو اڳ محنت ڪري  وڳا تيار ڪري پائبا هئا، اتي هاڻي ريڊي ميڊ ڪپڙن جو دور اچي ويو آهي جن ۾ هٿ جي محنت کان وڌيڪ مشيني ڪم ٿيل هوندو آهي، مشيني اوزارن سان ڀرت جا مختلف قسم موتين ۽ ستارن جي ٽانڪڻ سميت ٻيو ڪم ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڪاغذي گلن مثل هوندا آهن، ڇو ته اهو ڪم سگھڙ عورتن جي هٿن سان ڪيل ڪم جي اڳيان بلڪل شرمائي رهيا هوندا آهن. 
ٿر جو ٽڪ جو ڀرت به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، اهو صرف ٿر ۾ نظرايندو آهي. ٻهراڙين ۾ گھڻي ڀاڱي عورتون اڃان تائين هٿ جو ڀرت استعمال ڪري رهيون آهن. حقيقت ۾ اها انهن جي هٿ جي هنر سان سچائي آهي، نه ته انتهائي محنت طلب هي ڪم آڳاٽو ختم ٿي چڪو هجي ها، جڳن کان ٿري عورتون گھرن ۾ سُئي ڌاڳي جو ڪم ڪنديون آيون آهن، جن ۾ گھڻي قدر شوق جو عنصر نمايان هوندو هو. 
شادي مرادي، مڱڻي ۽ عيد برات تي هٿن سان ٺاهيل ڪپڙا، ڪنجري، جھٻا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي هٿ جي هنر سان ٺهيل شيون هڪ ٻئي کي تحفي طور ڏينديون آهن، پر هاڻي انهي شوق جي جاءِ معاشي مسئلن والاري ورتي آهي. اڄ جي عام ڳوٺاڻي يا شهري عورت سُئي ڌاڳي جو ڪم پنهنجي گھر جي معاشي مسئلن ۾ پنهنجو حصو ملائڻ لاءِ ڪري ٿي. پوءِ اهو ڪم سلائي جو هجي، رليون ٺاهڻ يا ڀرت ڀرڻ جو هجي. شهرن ۾ روز نت نوان فيش ۽ ڊزائنون اچڻ بعد هٿ جي ڀريل ڀرت جو رواج ڏينهون ڏينهن گھٽجندو وڃي ٿو. هٿ جي هنر سان ٺهندڙ ڪجهه ايٽم هيٺ ڏجن ٿا:
 ”ساڙِهيون، پوتيون، اوڍڻ، ريٽا، بوڇڻيون، مليرن جا پلوٰ، ڪنجريون، ڪنجرا، گج، پيٽيون گھگها، چولا، چوليون، چولا، ٽوپيون، رومال، موڙ، پٽون، اکيا، اگوڇڻيون، ڳوٿريون، ڳوٿرا، ڳوٿريا، بجڪا، نوار، جھلون، گاسيا، وڃيڻيون، مورڇل، سينهون، ميزپوس، ٽريپوس، ٽڪڙيون وغيره شامل آهن. 
ڄاڻايل ثقافتي شين جي تياري ۾ عورتون ڀڙ آهن، اڄ به اوهان کي ڳوٺاڻي زندگي ۾ اُهي حسين ۽ خوبصورت ڊزائنيون جتي ڪٿي نظر اينديون، ساڳي طرح شهرن ۾ ايراني ۽ ڪوريائي بخملي ڪمبلن رلين جي جاءِ والاري ورتي آهي، پر سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڄ به ساڳيو وهنوار هلندو ٿو اچي. اڄ به ٿري عورتون رليون تيار ڪنديون آهن جيڪي ڊزائينن توڙي معيار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هونديون  آهن.

دنيا ۾ ڪٿي به رلي نه ٺاهي ويندي آهي پر سنڌي عورت وٽ اهو هنر آهي. جيڪي ڪپڙن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي ڳنڍي ڪمال ڪاريگري ۽ انتهائي خوبصورتي سان رلي ٺاهينديون آهن، سنڌي عورتن جون ٺاهيل رليون جڳ مشهور آهن پر انهن معاوضو صحيح نه ٿو ملي. خاص ڪري ٽڪ جي رلي چار کان پنج هزار روپين تائين آهي. جڏهن ته اُها پورهيو ڪندڙ عورت ٻن ويلن جي ماني لاءِ ئي پريشان رهندي آهي. 
اسان جي مرداڻي معاشري ۾ مردن جي هنر کي هٿي وٺرائي وڃي ٿي پر عورتن جي هنر کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي کي گهرجي ته عورتن جي هٿرادو هنر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ٽيڪنڪل ادارا قائم ڪيا وڃن. جن ۾ ٿر جي عورتن جي سگھڙائپ مان فائدو ورتو وڃي ۽ ان سڄي ڪم ۾ سنڌي عورتن جي پگھر جي پورهئي جو صحيح استعمال ٿيڻ گهرجي جيئن هي پورهيت عورتون پنهنجي معاشي مسئلن کي آساني سان منهن ڏيئي سگھن.

No comments:

Post a Comment