Saturday, August 22, 2015

احمد علي صابر چانڊيو جو پروفائيل: عبدالسليم

 Seems good. but needs bit editing. every para starts with  same word " Sabir". This is looks bad. every para first word should be different  please always send photo with caption/ name  not with number
پروفائيل
عبدالسليم رول نمبر 6
               گهڻ رُخي شخصيت ؛ احمد علي صابر چانڊيو
                                                              عبدالله سولنگي
تاريخ توڙي جو سڪي ٺوٺ ٿي ويل اها زمين آهي جنهن تي مدتن پڄاڻا ابر جو وسڪارو ٿئي ٿو ۽ ان کانپوءِ ڪو سَلو زمين جي سڪي ٺوٺ ٿي ويل سيني منجهان ڦٽي ٿو ۽ اهو سلو ان زمين تي نمايان نظر اچي ٿو. اهو سلو نه فقت هڪ ڏڪار کانپوءِ ٺوٺ ٿي ويل زمين جي اُٺي کانپوءِ ٿيل وسم جو اهڃاڻ هوندو آهي پر اهو سلو اميد ۽ نئين امنگ جو اهڃاڻ پڻ هوندو آهي.
    
  احمد علي صابر چانڊيو تاريخ جي ٺوٺ ٿي ويل زمين تي ڦٽندڙ اهو نمايان سَلو آهي جنهن نه فقت تاريخ جي رُڃ سيني کي سرسبز ڪيو پر سَلي مان وڏو وڻ ٿي سج جي لڱ ساڻيدڙ تاءُ ۾ رلندڙ وقت کي پڻ پنهنجي ٽارين سان ڇانورو مهيا ڪيو.
    
 احمد علي چانڊيو جنهن کي ادبي نالي “صابر” سان سڃاتو وڃي ٿو جنهن  14 جون 1952 ع سومر جي ڏينهن ميروخان تعلقي جي ڇاڄڙي ڳوٺ ۾ نواب خان جي گهر ۾ اک کولي پر اهڙن جو واسطو صدين کان ڪائنات تي هوندو آهي بظاهر هو نظرن کان اوجهل هوندا آهن پر جڏهن اڃايل تاريخ کي سيراب ڪرڻ جو سندن وقت ايندو آهي ت کين ڪائنات ۾ موڪليو ويندو آهي ۽ ائين انهن روحن جو ظهور تاريخ جو ڏينهن ۽ سال جي بهاني ٿيندو آهي.
      
صابر پنهجي ابتدائي تعليم مختلف ڳوٺن کان ٿيندي تعلقي قبو سعيد خان مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ان کانپوءِ ايم اي سنڌي، ايم اي پوليٽڪل سائنس رتيدري مان ۽ ايم اي ايل ايل بي لاڙڪاڻي مان ڪئي. صابر جو لڳاءُ علمي ادبي پروگرامن سان گڏوگڏ غريبن ۽ اٻوجهه ماڻهن سان به محبت آهي مختلف پروگرامن ۾ ويٺل ماڻهن جو دلن تي ڌاڙا هنيا. هي اهڙو ته شخص آهي جيڪو تعتن جي محفل ۾ به ملندو ته ميوزيڪل  راتن ۾ به مطلب ته انسانيت جي همدردي رهي آهي.
     
 هڪ ئي وقت گهڻي صلاحيتن جو مالڪ صابر 1976 ع کان 2008 تائين مختلف سرڪاري ادارن ۾ ملازمت ڪئي جنهن ۾ ٽيلفون آپريٽر ايريگيشن کاتو، ڪلارڪ ديهه ترقياتي کاتو ۽ ٻين ۾ خدمت سر انجام ڏني. هڪ سٺو ڪمپيئرر سان گڏوگڏ ليکڪ، اديب، شاعر ۽ سماجي سيوڪ رهيو آهي هن پنهنجي علمي ادبي مڃتا ماڻي آهي هن انسان دوستي محنت ۽ پورهي کي مذهب جيئان مقدس ڄاتو آهي جڏهن ته سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي ۽ سندن پنهنجي شاعري ۾ طبقاتي دشمن کي پڻ وائکو ڪيو آهي.
       
صابر ڪيترا ئي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. هن پنهنجي لکائي افسانه ۽ ناٽڪ سان شروع ڪئي ۽ ڪيترائي نالي وارا افسانه لکيا ۽ اسٽيج ڊرامه ڪيا بعد ۾ سندس شاعري شروع ڪئي  ته شاعري گهڙن ئي ڳائيندڙن ڳائي جنهن ۾ ماسٽر فتح علي سمون، مرحوم ماسٽر منظور، سڄڻ سنڌي ۽ ٻيا پڻ شامل آهن. هن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن جنهن مان 4 ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ شاعريءَ جا ٻه ڪتاب هڪ “گهايل منهنجا گيت” ۽ ٻيو “ڪاڪ ڪڪوري آءُ” سندن  شاعري ڌرتيءَ تي ڏنل زخمن تي آهي جنهن لاءِ احسان دانش لکي ٿو ته صابر جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جا زخم به عيان آهن تڏهن ته صابر تڙپي ٿو اُٿي جڏهن دهشت گردي جي ديو جي پيرن ۾ امن جو ڪبوتر چيڀاٽجندي ڏسي ٿو سنڌ جي نامياري اديبن ۽ شاعرن ۾ احمد علمي جو شمار پڻ ٿئي ٿو.
      صابر جي ڇپيل ڪتابن مان هڪ ڪهاڻي جو ڪتاب “پياسي سپ سمونڊ ۾” جي نالي سان آهي هن پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ سنڌ جي ٿيندڙ حالتن کي ظاهر ڪيو آهي  ۽ سندن ڪهاڻين جا ڪردار بي گهر بڻيل هندو ۽ سنڌ جي ناري وغيره آهي ان ڪتاب لاءِ تاج جويو لکي ٿو ته هن ڪتا ب ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌي جديد ڪهاڻي ۾ پيش رو ڪهاڻيڪار جمال ابڙي، امر جليل ۽ نجم عباسي جي سوچ جا پيرا کڻي اڳتي وڌيون آهن ۽ سندس ڪهاڻين جا ڪردار ڌاڙيل، وڏيرا صوبيدار اڻ پڙهيل هاري، سماج جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل سنڌي ناري، پنهنجي ڌرتي تي به گهر سنڌي هندو وغيره آهي. هن جا موضوع تعليم جو فقدان، سماجيون اهنگ اڻانگيون ۽ ڏاڍ طبقاتي سماج جا ويڇا، مذهبي ڪدورتون، پنهنجي تهذيب ۽ روايتي قدرن جي سونهن ۽ اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان جون پنهنجون ڳالهيون آهن ۽  لکي ٿو ته صابر جا خيال پختا موضوع جي چونڊ، بهترين لفظن جو انتخاب، مئوثر ٻولي جي رواني ۽ عام استعمال جو خوبصورت ڏانءُ مطلب ته ڪهاڻي جي تاريخ ۾ پنهنجو مقام ضرور پائينديون ۽ وڌيڪ تاج جويو لکي ٿو ته مونکي پڪ آهي “صابر” ڪهاڻيڪار جي قافلي ۾ پنهنجو قد ۽ قدر ضرور مڃرائيندو.
   
     صابر جو ڇپيل تاريخي ناول “ڪُ ويڄن ڪُٺي آهيان” هي ناول ظلم ۽ جبر کي  مطلب ته ظالماڻي نظام کي هڪ انوکي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. جنهن جي لاءِ ارباب ڇڄڙو مورائي لکي ٿو ته احمد علي صابر سنڌي بوليءَ ۾ تصوف جي تاريخي ناول “ڪُ ويڄن ڪٺي آهيان” لکي سنڌي ليکارن تان اهو الزام لاٿو آهي ته ڪو سنڌي ناول نگاريءَ کان واقف ڪين آهي ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته “صابر” حسين بن منصور حلاج جي اورچائي ۽ فلسفي تي قلم کڻي سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام جوڙي ورتو.
       
  صابر مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ مختلف عهدن تي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن جنهن جي خدمتن کي ساراهيندي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چوي ٿو ته صابر ڌرتي ۽ عوام جو شاعر آهي. اسان لفظن ۽ خيالن کي تلاش ڪندا آهيون ليڪن لفظ ۽ خيال احمد علي صابر جي تلاش ڪندا آهن. صابر سچ جو شاعر آهي معاشري جي اوڻائين سان کيس نفرت آهي ۽ هو انهن خلاف بغاوت ڪري ٿو احمد علي برائي جو دشمن ۽ ڀلائي جو دوست آهي.
      
  احمد علي “صابر” چانڊيو جي جاکوڙ ۽ محنت جو جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته اها ڳالهه شايد ئي غلط ثابت ٿئي ته هر ماڻهون هن دنيا ۾ هڪ عزم ۽ هڪ منزل جي ڳولاهه ۾ ايندو آهي ۽ هن دنيا ۾ ڪو هڪ ڪم کين سونپيل هوندو آهي ڇو ته “صابر” جي زندگي کي ڏٺو وڃي ته هن هڪ خواب ته ڇا پر سوين خواب پنهنجي نيڻن جي چادر تي ٽانڪي ڇڏيا آهن. ڪو هڪ ڪم ته ڇا پر هن زندگيءَ کي هڪ ڏينهن جو مهمان سمجي سمورا ڪم هڪ ڏينهن ۾ ئي ڪرڻ ٿي چاهيا، سمورن خوابن جي ساڀيان هڪ ڏينهن ۾ ئي ماڻڻ چاهي 
  ڇو ته سندس چوڻ آهي ته جيڪو ڪرڻو آهي اڄ ئي ڪريو سڀاڻي ڪنهن به

Practical work car carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment