Monday, August 17, 2015

قمبر جي لائبرري



قمبر جي عوام لاءِ روشنيءَ جي لاٽ بڻيل لائبرري
محمد يونس ملاڻو   ( فيچر)
رول نمبر 74
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته لائبرريون قومن جي بنياد کي محفوظ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار نڀائينديون آهن. لائبرريون قومن جي علم، ثقافت  ۽ ٻين ڪيترن ئي عملن ۾ گاھ هونديون آهن. قومن جي سڃاڻپ لاءِ جيئن چئجي ته ٿرماميٽر جو ڪم ڏين ٿيون، لائبرريون علم حساب سان ڪرنگهي شھ رڳ جو به ڪردار ڪن ٿيون.
اکيون پوڙهيون ناهن ٿينديون نه ئي خواب پوڙها ٿيندا آهن هر اک ۾ خواب پلجندو آهي. ڀلي اها اک بيني هجي يا نابيني. خوبن جا به ته رنگ ٿيندا آهن جيئن سٺا يا خراب خواب پر خواب ته خواب ٿيندا آهن اهو اک تي دارومدار.

علم جي پارکو ان علم پاران خواب، هن شهر ۾ علم سان چاح رکندڙ ڳکين جي خواب هو ته جيڪر هن شهر ۾ هڪڙو گهر لائبرري (ڪتب خانو) آباد ٿئي، جتي وڃي پڙهجي ۽ سونهري مستقبل سنوارجي، انهن اکين ۾ عرصي کان اهو خواب سانڍيل هو، جيڪو محسوس ڪري اها اک جيڪا ٻين سان ڀلائيءَ جا خواب سانڍيل هئا. تنهن نوجوان اکين جي خوابن جو قدر ڪندي وڏي جاکوڙ کانپوءِ هن شهر ۾ علم جو گهر نالي “ڀائو دُر محمد ٻرڙو پبلڪ لائبرري”  کولي وئي ته اهي منتظر اکيون پنهنجو خواب حقيقت ۾ ڏسي ٺري پيون.
ڀائو در محمد ٽرسٽ (رجسٽرڊ) قمبر هڪ سماجي علمي ادبي ۽ فلاحي اداري جي حيثيت سان قمبر ضلعي ۾ شعور ۽ سجاڳي جو بخوبي مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جنهن جو بنيادي  مقصد هتي جي ماڻهن ۾ شعور جي لاٽ کي ٻرندو رکڻ آهي. ان مقصد جي صلاحيت لاءِ ٽرسٽ جي پليٽ فارم  تان 2005 ع کان وٺي لڳاتار جاکوڙ جاري آهي.

هن لائبرري جو افتتاح 24 مارچ 2007 ع ۾ ٿيو جتي علم سان چاھ رکندڙ هر طبقي ۽ مڪتب فڪر جا ماڻهو شموليت ڪن ٿا. تن مان قمبر ضلعي معزز شخصيتن تقريرن ذريعي ويچار ونڊيا، جن مان ضلعي ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ جي ميمبر مولانا محمد جان عابد بروهي چيو ته هن شهر ۽ ضلعي لاءِ هيءَ لائبرر ي نه پر هڪ  يونيورسٽي مثل آهي. هڪ لائبرري جو مقصد غريب عوام ۽ عام شاگردن کي پڙهڻ جي لاءِ سٺو ماحول پيدا ڪري ڏيڻ هوندو آهي.

محمد پنهل سومرو صدر پ پ قمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر چيو ته ڀائو در محمد ٻرڙي کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو جنهن قمبر ضلعي هڪ بهترين ڪتب خاني سان نوازيو. هي سڄي محنت ڀائو در محمد ٻرڙي جي آهي جو پاڻ هتي گڏ ٿيا آهيون. ضلعي پريس ڪلب جي صدر رحيم منگي چيو ته ٻرڙو صاحب ننڍ پڻ کان ئي قمبر جي عوام جي سچائيءَ سان خدمت ڪئي آهي. آخر ۾ ڀائو در محمد چيئرمين پبلڪ لائبرري قمبر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي جو اوهان جي اڳيان آهي، اهو سڀ ڪجھ  35 سالن قمبر شهر جي  خدمت جي تحفي مليو آهي. اهو عمل ۽ ڀروسو بحال هجڻ جي ڪري مليو آهي. هن لائبرري ٺاهڻ ۾ سڀني علمي ۽ ادبي دوستن ڪجه نه ڪجه مدد ڪئي آهي، اڃا به هن لائبرري لاءِ ڪيتريون ئي شيون گهربل آهن، اميد ته اهي به پوريون ٿي وينديون.

جيئن ته قمبر جي لائبرريءَ ۾ مختلف سيڪشن موجود آهن. جنهن ۾ نيوزپيپر سيڪشن، سي ايس ايس سيڪشن، ڪامن سيڪشن پڻ موجود آهن جنهنڪري لائبرري اندر هر ڪو ماڻحو مناسبت سان سيڪشن جي چونڊ ڪري بهتر نموني پڙهائي ڪري ٿو.

هن لائبرري ۾  مختلف موضوعن تي مشتمل 05 هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن، جن ۾ سي ايس ايس ۽ بي ايس  سي جي تياريءَ لاءِ ڪتابن جا مڪمل سيٽ موجود آهن.روزانو هن لائبرري ۾ مطالعو ڪندڙن جو تعداد 200 کان به  وڌيڪ آهي. ان کان علاوه سنڌي، اردو۽ انگريزي اخبارون پڻ رازانو لائبرريءَ ۾ اچن ٿيون.27 ڊسمبر 2007  محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت  جي ردعمل ۾ ڪارڪنن مڇرجي پبلڪ لائبرري قمبر کي هاڃو رسايو جنهن سبب  لائبرريءَ ۾ موجود سمورو سامان سڙي رکُ ٿي ويو. جنهن ڪري قمبر جي شاگردن ۽ پڙهائي سان لاڳاپيل ماڻهو تمام گهڻا  اٻاڻڪا رهڻ لڳا جنهن سان قمبر جي شعور کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. انڪري قمبر ضلعي جي شهرين کي گهرجي ته هو لائبريريءَ جهڙن قوم جي اڏيندڙ ادارن کي نقصان پهچائڻ بجاءِ ان جي بهترءَ لاءِ سوچن ته جيئن شعور جي لاٽ هلندي رهي.........
      

No comments:

Post a Comment