Monday, August 24, 2015

فن جو عاشق طبله نواز استاد نياز علي

فن جو عاشق طبله نواز استاد نياز علي

مختيار علي سومرو
سنڌ ڌرتي ڪيترين ئي املهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي عملي  زندگي ۾ ڪنهن  به شعبي ۾  پاڻ ملهايو، ڪي ڪي ماڻهو جياپي جي جتن لاءِ جنهن به شيءَ کي جنبي ويندا آهن ته ان جي وجود جا، ان جي بقا جا، مضبوط ٿنڀا بنجي ويندا آهن، ڏک، سک، تڪليفن ۽ بيمارين ۾ به انهي ساٿ کي سلامت رکڻ لاءِ وڙهندا ۽ رڙهندا رهندا آهن،  سنڌ جي تاريخي شهر عمرڪوٽ  کان 30 ڪلوميٽر  اتر ڀٽن جي ڀر  ۾ آباد  ڳوٺ نونهيون ابوبڪر  سومرو  ۾ هڪ ڪکائين جهوپڙي ۾  5 جون 1953ع  ڌاري محمد اڪبر مڱڻهار جي گهر ۾   هڪ ٻار   جو  جنم ٿيو،  جنهن جو نالو  مائٽن  نياز علي رکيو  ۽  اڳتي هلي پنهنجي فن ذريعي موسيقي جي دنيا ۾  طبله نواز استاد نياز علي جي نالي سان مشهور ٿيو،  
 ستن سالن جي عمر ۾ هن سنگيت ٻڌڻ شروع ڪيو، هي سنگيت ٻڌڻ جي دوران سازن کي گَهري نظر سان ڏسندو رهندو هو،  پوءِ  هي کليل اکين جي خوابن ۾  گم ٿي سوچن  ۾  ٻڏي ويندو هو ته ڪاش آئون به هي ساز وڄائي سگهان ها ته ڪيڏو  نه ماڻهن جي دلين ۾ راج ڪريان ،  انهي لاءِ  ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته خواب کليل اکين سان ڏسو بند اکين سان نه،  ڇاڪاڻ ته بند اکين جا خواب پورا نه  ٿيندا آهن ۽ کليل اکين جا خواب ساڀيان ٿيندا آهن، جڏهن هي 10 سالن جو ٿيو ته هن  پنهنجي چاچي کان بينجو سکڻ شروع ڪيو، هن ڪجهه ئي وقت ۾ بينجو سکي ورتو،   پوءِ هي مسلسل ڳوٺن جي ننڍڙين موسيقي پروگرامن ۾ وڄائڻ شروع ڪيو،  پوءِ اچانڪ انهي کي تبلو وڄائڻ جو شوق پيدا ٿيو،
  1970ع ڌاري استاد شادي فقير ۽ استاد ٻڍل فقير کان  ڍولڪ ۽ تبلو  وڄائڻ سکيو،  استاد بنيادي طرح پنج درجا پڙهيو، پر انهي کي وڄائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو،  پوءِ سنڌ جي معروف فنڪارن  عابده پروين، منظور علي، خورشيد علي، گلزار علي خان، سينگار علي سليم، شفيع فقير، صادق فقير،  ۽ شرافت علي خان سان گڏ محفلن ۾ باقاعدگي سان وڄائڻ شروع ڪيو، خاص طور تي محفلن ۾ ماڻهو استاد جو طبلو ٻڌڻ لاءِ ايندا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن طبلو وڄائن لاءِ سکيا ورتي، هن وقت ڪيترائي شاگرد آهن جيڪي پوري ملڪ ۾  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، 
مون استاد نياز جي چهري تي هميشه مرڪ ئي ڏٺي ڀلي ڪيتريون ڀي پريشانيون هجن پر ڪڏهن به زندگي ۾ مايوسي نه ڏٺي، چوندا آهن ته سج ٻه پاڇا هوندو آهي، ڪڏهن اونداهي اڌ رات، ڪڏهن چوڏهين جي چانڍاڻ، پورالي انسان جو من ڪڏهن ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن، هڪ طرف ڀلي هزارين ڏک ۽ ڏولا هجن پر خوشي پاسي ۾ گذرندس ته واسجي ويندو ۽ ڏند ٽيڙهي اهو واس سمورن ستايلن تائين پهچائيندو، ڪو ٽهڪن جي گونجار م ٻڏو پيو هوندو، غم جي لهس آيس ته اهڙي حالت ٿي ويندي جو ٺڪري هڻيس ته رت جي ڦڙي ئي ڪو نه نڪريس، مايوسين ۾ ايئن وڪوڙجي ويندو، ڄڻ هن ڪڏهن خوشي ڏٺي به ڪا نه هئي، اهي ماڻهو اڻ لڀ هوندا آهن، جيڪي سورن ۽ پورن ۾ پچڻ کانپوءِ به ڏيهه کي ڏيکارن لاءِ ڳوڙها نه ڳاڙيندا آهن، انهي طبيعت جو مالڪ آهي،  
 استاد نياز ملڪ توڙي ٻين ملڪن ۾  به ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏ ويو آهي، پهرين دفعي شفيع فقير  ۽ صنم ماروي سان گڏ دبئي، ٻئي دفعي شفيع فقير سان گڏ انڍيا ۽ ٽيئن دفعي 2003ع ۾ شفيع فقير سان گڏ فرانس وڃي چڪو آهي، هن وقت دل جا ٻئي وال بند ٿيڻ جي ڪري بيماري جي بستري تي پيل آهي، استاد کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.

مختيار علي سومرو بي ايس پارٽ 3
2015_08_23
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh 
 Practical work done under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment