Who is writer of this piece?
Unedited
Unedited
وياج جو وڌندڙ رجحان
اسلامي تعليم مطابق وياج ڏيڻ ۽ ُوٺڻ حرام
آهي.اهو ڪم ناجائز آهي.حديث ۾ فرمان آهي ته الراشي والمرتشي في النار ترجمو رشوت وياج ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا ٻئي جهنمي آهن.وچ وارو امين به اوترو ئي
گناھگار آهي جيترو هو ٻئي.وياج ڏيڻ وٺڻ وارا جهنم جي 70 دروازن مان ايندا انهن جا
پيٽ وڏا هوندا۽ انهن جي پيٽن مٿان گهوڙا ڊوڙايا ويندا.وياج 2 هجري ۾ حرام ٿيو.وياج
جنس جي بدلي زيادتي ،ڏاڍ جي زور تي واڌو
اوڳاڙي آهي،.مثال.ڪڻڪ جي مڻ بدلي ڏيڊ مڻ ورتو وڃي، واپار ۾ 100 جي شيءِ 120 ۾ وڪرو
ڪئي وڃي ته اهو به وياج ۽ زيادتي آهي.اهو
ڪنهن مقرر وقت ۾ ادا ڪرڻو هوندو آهي.
سنڌ ۾ وياج جي وبا ۾ ڪيترائي خاندان ڪنگال ٿي
ويا آهن.۽ ڪيترائي امير به ٿي ويا آهن. گمبٽ ۾ هڪ ريڙهي واري 2008 ۾ سو کان هزار
جي روپين تي وياج ڏيڻ شروع ڪيو اڄ اهو لکين روپيا وياج تي ڏئي ٿو.مجبور هاري ڪمند
جي آسري تي ڪنهن وياجي کان 50 هزار وٺندو ته وياجي 50 هزار سان گڏوگڏ ڪمند جا 250
يا 300 مڻ به ڏيندو.اهو وچ واري جي سامهون طئي ڪيو ويندو.اهڙي طرح موٽر
سائيڪل 40 هزار واري ڪجھ مهينن جي لاٰءِ 0 6
هزار ۾ وڪرو ڪن ٿا.
هزار ۾ وڪرو ڪن ٿا.
وياج جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو
آهي، زندگي جي هر وهنوار ۾ وياج تي پئس
و وٺي استعمال ڪن ٿا،وياج اقليتي توڙي عقيدي وارا ڏين ۽ وٺن ٿا،اقليتي 5 سيڪڙو هزار تي وياج جي شرح سان ڏين ٿا۽ عقيدي وارا 15 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو تائين وياج جي شرح ڏين ٿا. گمبٽ تعلقي م 55 سيڪڙو عوام وياج تي پيڙهجي ٿو.2013ـــ2014 جي سروي رپورٽس مطابق گمبٽ تعلقي ۾ 45 سيڪڙو عوام وياج متاثر آهي. وياج واپاري توڙي امير ۽ ٻين طبقن وارا ماڻهو ڏين ٿا. غريب مجبوري ۽ لاچاري سبب ٻئي ڪا واٽ نه هجڻ ڪري وياج کڻن ٿا۽ سالن جا سال وياج جا پئسا لاهيندي ڪلها گسائي ٿا ويهن.
هڪ شهري 10 لک وياج تي رقم ورتي ان تي ڪجھ سالن ۾ وياج جي رقم وڌي چوڻ تي 34 لک تي پهتي، متاثر شهري گهر کپائي اهي پئسا ڏئي جان ڏئي ڇڏائي پر بي رحم وياجي کي ڪو ترس نه آيو.وياج شروعاتي ڪنهن شخص جي ضمانت،ڏيٺ ويٺ واسطي سان ڏين پيا.وياج جو پئسو ماڻهو فصل پچائڻ،شادي غمي،بيماري جي علاج ،اوچتو مصيبت،حادثي وقت وٺن ٿا.پوءِ انهن مان پئسا قرض تي ڏين،گهر جو سيدو سامان،روزاني خرچ پکي لاءِ،فصل پوکڻ کان لهڻ تائين سمورو خرچ وياج تي کڻنپوءِ جيڪا اپت ٿي اها واپاري جي دڪان(دڪي) تي پهچائي پئساوياج سميت ڪٽي پوءِ مالڪ کي جيڪو بچو،اهو ان جو نصيب.وياج وٺڻ وقت مجبورماڻهو سون،زمين جا ڪاغذ پلاٽ توڙي َقيمتي شيون به انهن وٽ گروي رکن.

هڪ ايم اين اي جي ڀاءُ به وياج تي کڻت کنئي
هئي پوءِ چئي سگهجي ٿوته ايم اين اي جو ڀاءُ به وياج متاثر آهي ته ٻئي عوام جو
ڪهڙو حشر هوندو.
وياج ڏيندڙ واپاري هاڻي وياج تي پئسا ڏيڻ کان تنگ
اچي ويا آهن۽ چون ٿاته واپار نقد ڪجي پرمجبور لاچار اچي عيلاض منٿون ڪن ٿا ته پوءِ
پئسا ڏيون ٿا.وياج جا پئسا طاقتور ماڻهو وٺي کائي وڃن پر جنهن کان وٺن ان کي وياج
جو اضافو ته ٺهيو پر ٽڪو پئسو به نه سنگهائين.
هن وقت وياجين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن ڇاڪاڻ
ته ڪچي ۾ ٻوڏ وارن ماڻهن هنن کان کڻت کنئي هئي اهي انهن جا فصل ٻڏي ويا ته پئسا
ڪٿان ڏيندا، وري نئين کڻت کڻي فصل جي آسري
۾ رهنداپوءِ فصل تيار ٿيويندو ۽ آبادگار هارين جي کل چڱي طرح لاهيندا،جيڪو فصل ٿيو
اهو به ڏيندو پر هاءِگهوڙاڪندي چوندو ته اڃا قرض بيهجي ويو ته اڳتي وقت ڪيئن
گذرندو؟
ڪي اهڙا به ذاتين وارا وياجي آهن جيڪي هڪ ڪلاڪ
۾ ضمانت واري جي هٿ تي هڪ ڪروڙ جي رقم ڏيڻ
۾ نه لهرائيندا.ڪجھ ذاتين واراپهنجي ذات جي ماڻھن کي چنبي ۾ رکڻ لاءِ وياج جي وڪڙ
۾ آڻي،انهن کي معاشي قتل ڪرڻ سان گڏ انهن جي ملڪيتن تي به قبضو ڄمائي ويهن ٿا۽
خاندانن جا خاندان درپدر،پٽ ڪٽ ڏوراپن واري زندگي گذارين ٿا.
حڪومت جو انهي خلاف ڪنهن به قسم جو تحرڪ نه
آهي،حڪومت کي گهرجي ته وياج خورن خلاف قدم کڻي انهن کي گهٽ شرح تي وياج ڏيڻ جو
پابند ڪري يا انهن کان اهو ڪڌو ڪاروبار بند ڪرائي خاندانن کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو
وڃي.
August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi
August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi
No comments:
Post a Comment