Sunday, December 6, 2015

Beggars of Hyderabad

Referred back 
Send ur names in sindhi with roll numbers
Alos let me know are they from Hyd or some other city? This hould not only be written but be clearly refleted in the writting. 
Investigation Report by Manzar Ali Bhatti, Asghar Narejo, Anus Buriro 
پينو فقير
فقير اهو آهي جيڪو ٻين جي آڏو هٿ ٽنگي.مجبوري، لاچاري به نه هوندي يا مجبوري هوندي، اسان جي ملڪ ۾ پنڻ ڪاروبار سمجهي ڪيو ٿو وڃي. پنڻ جي ڪنهن به مذهب ۾ اجازت نه آهي پنڻ جائز ناهي، پينو فقيرن جو تعداد ڏينهون ڏينهن ملڪ ۾ وڌنڌو ٿو وڃي انهي جا ڪهڙا سبب آهن .فقير ڇو ٿا پنن ؟ فقيرن جا قسم، فقيرن جي روپ ۾ ٻيا ڪهڙا ڪمپيا ٿين، فقيري آهي يا ڪاروبار ؟ اچو تـ انهن سوالن جا جواب ڳوليون ۽ خبر پئي تـ آخر انجا ڪهڙا سبب آهن؟

فقير ڇو ٿا پنن
فقيرن جي اڪثريت ۾ اها ڳالھ هوندي آهي ته اهي ڪمائي نٿا سگهن. اهو انهن جو خانداني پيشو آهي اهي ٻين جي آڏو هٿ ٽنگڻ ۾ شرمندگي محسوس نٿا ڪن، اهي ڏنڊا ڏوٽا، نوجوان، بنا معذوريجي، ڪمائڻ جهڙا هوندي به ڪو بـ ڪم ڪار نـ ڪن سوائ پنڻ جي.هتي اسان کي گھڻائي ۾ عورتو پنڻ ۾ نظر اينديون. ان پٺيان ڪيترائي ڪارڻ آهن جن ۾ ڪن عورتن جا مڙس انهن کي طلاق ڏين ته پوءِ اهي به پننديون وتن،  ۽ انهن کي بد پيشي لاءِ ماڻهو پويان به لڳن ۽ ڏوڪڙ بـ ڏين ٿا.  ۽ گھڻيون شادي نه  ئي نـ ڪنديون آهن انهن جو گذر سفر پنڻ تي هلي ٿو پوءِ انهن کي ڪمائڻ، مزدوري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت. اهي پاڻ به پنن پر پنهنجي ننڍن معصوم ٻارن کي به اسڪول موڪلڻ جي بجاء ِپاڻ سان گڏ پنائن ٿا. 

.پينو فقير بس ڪنهن ڳالھ جو بهانو ڪري پيا مرڻ تائين پنندا. جيئن پاڻ پيا ڪن تيئن نئين نسل کي به اهو ڪم ورثي ۾ ڏئي هليا وڃن. ڪن جا مڙس مري ويندا آهن يا انهن کي مڙس ڇڏي ويندا آهن ته اهي  رن زال عورتون به پني گذارو ڪن ٿيون انهن جا ننڍا ننڍا ٻآر هوندا آهن تن کي گهر ڇڏي يا وري پاڻ سان گڏ پنڻ تي وٺي اچن اهي ٻئي جهان کي چڏي بس رڳو پنندا آهن.

انهن جا مرد تاس،شرط ،شراب،ڀنگ ۽ ٻيا جواري جو ڪم ڪندا آهن اهي شرطون هارائڻ کان پوءِ ،پئسن جي پورائي لاءِ پنهنجن گهروارين ۽ گهر وارن کي پني اچڻ لاءِ جهيڙو ڪري پنائيندا اٿن.عورت فقيرياڻيون چون اسان هنر نه ڄاڻُون.نه ئي ڪٿي ڪنهن گهر ۾ ڪم ڪار ،ڪٿي ڪارخاني جو ڪم نه نه ڪن ۽ نه ئي ڪو ڪم ڪرڻ پڃين ته پوءِ ڪستو ۽ جهوليون کڻي پنن. فقيرن ج ڳوٺن جا ڳوٺ ئي پنڻ جي پورهيئي سان صبح سوير نڪرن وري شام جو واپسي ڪن .حڪومت به سندن سهاري سهڪار لاءِ ڪي جوڳا قدم ،فنڊ، وظيفا به مقرر نه پئي ڪري فقير اهو جواز ڄاڻآ ئي پنن ٿا. اسان کي حڪومت ڪجح به نه پئي ڏئي ۽ سمجي جو اسان پنڻ بند ڪيون . 

ٻيو اسان کان ڌنڌو نه ڌاڙي ،ٻني نه ٻآرو،ٽرانسپورٽ ،هٿ جو هنر به نه ڄاڻون ته ٻيو ڇا ڪيون انهي کان بهتر آهي پني پنهنجي ٻارن آل اولاد سميت گهر جو خرچ سڀ ضرورت زندگي انهي پنڻ مان هلايون .فقيرن کي ابن ڏاڏن جي ورثي مان ئي پنڻ جي وراثت مليل آهي اهي پنڻ سواءِ ڪجھ نه ڪن. انويسٽيگيشن دوران نقاب پوش نوجوان حسين عورتون به پنندي ڏٺيون جيڪي  مجبور ي لاچاري  جو بهانو ڪر ي پنن ٿيون،اهي چون پيون ته اسان جو والد وفات ڪري ويو آهي،ڀائر ننڍا آهن انهي ڪري پنئون ٿيون يا وري اهو به چون پيون گهر ۾ ڪجھ به ناهي اسان کي پنڻ کان سوءِ ٻيو ڪو چارو ناهي.


ڪٿي سمهندا آهن
فقير جي زندگي مولا ڪنهن کي نه ڏئي
نه پنهنجو گهر نه گهاٽ ،مال نه ملڪيت،اجهو نه لٽو.
فقيرن کي پنهنجا گهر،ڳوٺ  ڦٽل به به هوندا آهن ته ڪي روڊن رستن تي پارڪن ۾ سمهندا آهن. شديد گرمي هجي يا سخت سردي فقير،بيماري هجي يا چاڪائي ته به پيا هت هت رلندا سمهندا آهن گهرن کان بي گهر هوندا آهن .شهر جي مئن مرڪزي مشهور هنڌن،تفريحي ماڳن ۽ درگاهن تي ئي ياا انهن جي آسپاس سمهي رهندا آهن.بس اسٽينڊش جي ڀرسان به ننگي آسمان هيٺان انگ اگهاڙا ۽ ڦاٽل ڪپڙن سان به ترسي رات گذاريندا ۽ سمهندا آهن. سندن واهر وسندي وارو ڪير به نه هوندو اٿن .ائين پاڻ ۽ پنهنجي اولاد سميت زندگي جا ڏينهن گذاريندا آهن.اتي رستي تي گاڏين جي شور ،ماڻهن جي هجوم ۾ به پيا ليٽِي رات گذاريندا آهن .سندن تن جي هيٺيان فرش،زمين تي ڪا به رلي،ڪارپيٽ،تونئري وڇايل نه هوندي اٿن جتي آيو اتي سمهي پوندا ،گندگي جي ڍير،گندي پاڻي جي ڀرسان به سمهي پوندا آهن

برسات
فقيرن  جا اڀا جهوپڙا،لهوارا گهر، هيٺيان واري مٿي اس مينهن وسي ته سڀ گهر ۾ پئي ،اگر مينهن سندن شهرن،روڊن رستن تي پنندي وسي ته پوءِ ڪنهن دڪان ۾ هليا  وڃن وري ڀڃندي ڊگهندي گهر پهچن.مينهن هجي ته سندن گهر۾ پاڻي ڇپر مان پيو وسندو اٿن. ڪڏهن وقت تي جهوپڙي مٿان ڪلي (مينهن جي بچاءَکان) استعمال ڪندا آهن .اڪثر ڪري فقيرن جا گهر گندي پاڻي جي وهڪرن وٽ به هوندا آهن جيئن حيدرآباد هنڊا پليس جي سامهون فقيرن جا گهر ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ ڪوٽڙي روڊ وارا فقير به گندي پاڻي جي ڀرسان رهائش پذير آهن.

فقيرن سان عوام جو رويو
فقيرن سان عوام جو رويو گهڻي قدر نارروا سلوڪ هوندو آهي جيڪي انهن سان اهڙو رويو رکندا آهن ته فقير انهن کي بددعائون به ڏيندا آهن ته ڪڏهن ڪجھ نه چوندا آهن  اها ماڻهن جي مرضي آهي ته اهي انهن سان ڪهڙو رويو رکن. گهٽ ۾ گهٽ ڏين ته نه پر ڏکاين به نه.ڪي ماڻهو هروڀرو فقير کي پري کان ڏسندي ئي يا ويجهو ايندي ئي انهن کي ڇڙٻون ڏيندا آهن هلو اسان وٽ پئسا آحن ڪونه وري اوهان کي ڏيون،شاگرد وري چون اسان اڃا پڙهون ٿا جڏهن ڪمايون تڏهن وٺجو ،اسان پاڻ وڏن کان گهري (پني ) وٺون انهي مان اوهان کي ڏيون ڇڏيو ڀڄي وڃو هتان .وڏين گاڏين وارا وڏا ماڻهو ڪڏهن خيرات ڏيندا اٿن يا اڪثر ڪري ان سان گڏ آيل گارڊ ئي فقيرن کي ڏڙڪا ڏئي موٽائن تن صاحب ڪم سان آهي ڇڏيو صاحب کان خرچي ٻيهر وٺجو. 

فائيو اسٽآرهوٽل ،شاپنگ سينٽر شاپنگ مال تي دڪاندا ر۽ انهن جا پرائيويٽ گارڊ به ڏڙڪا ڏڪا ڏئي انهن کي واپسي ڪري ڇڏين.ڪي خير انهن کي ڏين يا نه به ڏين   ته به ڇڙٻون گهٽ وڌ ڳالهائيندا اٿن.انهن کي مختلف روايتي جملا چوندا آهن جيئن فقير ته ڦند نسورو گند .هوٽلن وارا فقيرن کي ڪا ڌڙڪا ڏيندا ته به وري اڳ کان اڳرا انهي هوٽل جي سامهون عوام کان خيرات گهرندا آهن.

پينو فقيرن سان پوليس، رينجرز ۽ گارڊن  جو رويو.
پوليس رينجرز ۽ مختلف فورسز يا وري سيڪيورٽي گارڍز جيڪي پرائيويٽ رکيا ويندا آھن اهي پنڻ وارن سان عجيب و غريب سلوڪ ڪندا آهن خاص طور تي جڏهن اهي فقير وڏن وڏن شاپنگ سينٽرن، مختلف ھوٽلن، فروٽ وارن ريڙهن تان مجبوري جي حالت ۾ پنندا آهن تڏهن کين انهن جڳهن جي مالڪن جي ڌڪن سان گڏوگڏ پوليس وارن جون ڇڙٻون پڻ سهڻيون پونديون آهن پر ان پنڻ پٺيان سندن لاچاري ۽ بيوسي جو ذرو به احساس نه ڪيو ويندو آهي. ان جو سبب اهو آهي جو فقير مجبوري يا لاچاري جي ڪري انهن وڏين جڳهن تي ويندڙ گراهڪن کان خيرات گهرندا آهن ته کين ڌڪاريو ۽ نفرت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو پر ان باوجود به فقير انهي ڌنڌي کي نه ٿا ڇڏين. 

اڪثر پنڻ وارن فقيرن پنڻ کي ڌنڌو بڻا ئي ڇڏيو آھي. اھو سڀ ڪجھ ھوندي به پنڻ کي نٿا ڇڏين ڇو جو انھي کي پنڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ٻيو  ڌنڌو نه ٿوڪرڻ اچي.جيئن پاڻ عام لفظن  ۾ اسين انھي کي ٽُوٽي يا ڪم چور چئون ٿا اھي سڀ ڪم چُور آھن.ھڪ ته شھرن ۾ فقير پنندا آھن .جن جو خانداني ڌنڌو اھو  آھي جيڪي گهڻي عرصي کان اھو ڪم ڪندا پيا اچن يا وري اھي جيڪي گهڻي عرصي کان اھو ئي ڪم ڪندا پيا اچن.يا ٻيا وري اھي جيڪي مختلف علائقن کان  ڪمائڻ جو چئي گهران نڪرن ٿا پر ھتي ڪو ڪم ڪرڻ نه پُڄندو اٿن.يا وري ڪو خاص ڪم ڪرڻ لاءِ مطلب پرائيويٽ نوڪري يا وري ٻي من پسند مزدوري نه ملڻ يا وري گهٽ مزدوري ملڻ ڪري ھتي اچي پنندا آهن.

فقير جي روپ ۾ مختلف ڪم
گهڻا فقير پنڻ جي بهانن سان ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪندا آهن.جن ۾ ڪجھ ايجنسين جا ماڻهو به هوندا آهن.جيڪي روپ مٽائي جاسوسي به ڪندا آهن.ٻيا وري اهي جيڪي ٻين خاطر پرائيويٽ جاسوسي ڪندا آهن.يا وري ٻين خاطر قتل ڪرڻ لاء به تيار هوندا آهن.اڪثر پنڻ وارا فقير وري پنڻ جي بهاني چوريون ڪندا آهن.اصل ۾ اهي فقيرن جي روپ ۾ چور هوندا آهن.ٻيا وري جيڪي بسن ۾ سفرجي دوران پنڻ جي بهاني سان مسافرن  جا کيسا ڪٽي ويندا آهن جن کي اسان  جيب ڪاترو چوندا آهيون ٻيا وري موبائل چور جيڪي دڪانن تان الله جي نالي خيرات وٺڻ سان گڏوگڏ دڪانن تي رکيل موبائل فونون به چورائي ويندا آهن ۽ ٻين ،مختلف ڌنڌن ۾ پڻ شامل هوندا آهن. 

  عورتون جيڪي  پنديون آهن  اڪثر ڪري جن جا مڙس مري ويندا آهن۽اهي پنهنجن ٻچن جي پورائي ڪرڻ خاطر،جنهن ۾ ڪجھ فقيرياڻون پنهنجي نياڻين جون شاديون ڪرائڻ يا وري پنهنجي بيمار ٻارن جي علاج ڪرائڻ   خاطر پننديون آهن ۽ اڪثر ڪري عورتون پنڻ جي بهاني سان گهرن ۾ گهڙي وينديون آهن پنهنجي بيوسي ۽ مجبوري جو ڍونگ رچائي گهر مالڪن کي بيوقوف بڻائي ڌاڙو هڻي وينديون آهن. جن ۾ اڪثر ڪري اهي جهلجي  پونديون آهن فقيري جي ويس ۾ اهڙا جاسوس به هوندا آهن جيڪي پنهنجي ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙو روپ ڪندا آهن ته جيئن عوام انهن کي نه سڄاڻي نه سگهي.

پئسا وٺو ٿا پر ملڪيت ڪٿي آهي  
                                                               هن ملڪ ۾ فقيري کي ڪاروبار سمجهو وڃي ٿو ڇو جو فقيرن کي پنهنجا گهر گهاٽ، گاڏيون آهن پوءِ به اهي انهي ڪڌي ڪم ۾ مصروف آهن.ڪجھ فقيرورياهڙا به هوندا آهنجيڪي پني پني وڏي ملڪيت جمع ڪري وٺندا آهن ۽ ظاهر ناهن ڪندا،پر ايتري ملڪيت هئڻ جي باوجود به پنڻ نه ڇڏيندا  آهن  جڏهن ته انهن جي گهرن ۾ ڪروڙن جون  ملڪيتون ھونديون آهن .۽ پنهنجي علائقن کان اچي ڪري ٻين وڏن وڏن شهرن ۾ ڪمائيندا آهن..ڪجھ فقير اهڙا به آهن جن جا ھوٽلن تي يا مسافر خانن ۾ ڪرائي  جا ڪمرا  وٺي رهيا پيا هوندا آهن  سڄو ڏينهن ڪمائي رات جو اچي انهن ڪمرن ۾ رهي پوندا آهن.ڪجھ ته وري سڄو سڄو ڏينهن پني  رات جو ڪنهن فٽ پاٿ تي سمهي پوندا آهن

 گهڻي قدر فقيرن جو ڪم به ٺيڪي تي آهي انهن جا وڏا وڏا ٺيڪيدار به آهن جيڪي هنن جي اڳواڻي ڪري  حصو پتي به وٺندا آهن.معصوم ٻارن کي اغوا ڪري انهن کي نشي آور شيون دوائون استعمال ڪرائي سندن هوش حواس ،يادگيري ختم ڪرائي انهن کي به پنرائيندا آهن.۽ جيڪو پني گڏ  ڪن اهو  هنن جا ٺيڪيدار کڻي وڃن.

روزانو ،هفتي مهيني جي ڪمائي.
ڪجھ فقيرن جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪمائڻ (مزدوري)کان
وڌيڪ پنڻ ۾ پئسا ملن ٿا ان ڪري هو پنن ٿا ان ڪري جو پنڻ ۾ انهن 400کان 1000 تائين روزانه جي بنياد تي پئسا ملن ٿا ان کان علاوه ڪو ماني به پن يعني  مفت  ۾ حاِصل ڪري وٺندا آهن جڏهن ته انهن جو رهن جو ڪو به خرچ ڪونه  هوندوآهي ،اڪثر ته فُٽ پاٿن تي سمهي رهندا آهن ڪي وري سرڪاري پلاٽن تي قبضو ڪيو ويِٺا هوندا آهن ۽ پنهنجون جھوپڙيون اڏي اُٿڻ جو ناءُ به نه وٺندا آهن جنهن جاهڪ ڏينهن ۾  400 کان 1000تائين هفتي   ۾ 2000 کان 5000 تائين ٿي ويندا يا مهيني ۾ هي گھٽ ۾ گھٽ  20000 جي لڳ ڀڳ پئسا ڪمائيندا آهن،

ڪجھ فقيرن جو چوڻ آهي ته ڪي ڪي سخي مرد اسان کي 500 يا 1000 جو نوٽ به ڏئي ويندا آهن اُن ڪري ڪمائي سٺي ٿي ويندي آهي ۽ اسان کي ڪمائڻ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي.

فقيري يا ڪاروبار
فقير خيرات غربت جي حالت ۾ به وٺندا آهن ته ڪي فقير ته وري انهن کي ڪاروبار ٺاهيو ويٺا آهن.هڪ غريب ماڻهو سڄو ڏينهن مزدوري ڪري 300 کان 400 تائين ڏهاڙي روپيا ڪمائي ٿو ۽ ان مان ئي پنهنج گهر هلائي ٿو پر هڪ فقير سڄو ڏينهن پني ٿو گهٽ ۾ گهٽ 500 کا 1000 تائين ڏهاڙي پني گڏ ڪري ٿو ۽ وري به هر روز ساڳئي ڪم سان لڳي وڄي ٿو ان جو خرچ به ايترو ناهي هوندو ڪپڙآ به خيرات ۾ ملندا اٿن ته کائڻ لاءِ اٽو به خيرات ۾ ملندو اٿن ان جي باوجود به هڪ شادي شدھ فقير پاڻ به پني ٿو پنهنجي گهر واري کي پنائي ٿو ۽ جڏهن ان جا ٻار 6 کان 7 سال جا ٿين ٿا ته انهن کي به پنائي ٿو هاڻي اها غربت آهي يا خانداني ڪاروبار .

فقير چون ٿا اها غربت آهي ۽ غريب هئڻ ڪري پنون ٿا اگر اها غربت آهي ته هر روز جا پئسا ڪيڏانهن ٿا خرچ ٿين انهن جو خرچ ايترو ناهي هوندو.فقير چوي ٿو انهن پئسن مان روز جو گهر لاءِ سامان وٺندا آهيون اسان جو ايترو خرچ ٿي ويندو آهي هڪ فقير جنهن جو نالو وسيم رند هو اهو نوجوان هو ۽ ڏسڻ ۾ به صحتمند نظر پئي آيو ان کان پنڻ جو سبب پڇيو ته تون پنيين ڇوٿو تون مزدوري ڪرڻ لائق آهين ته ان وراڻيو مان ننڍي هوندي کان پنان پيو مون کي ماءُ پيءُ پڙهايو ڪون پنڻ سيکاريو هاڻي پنڻ جي عادت ٿي وئي آهي اسان کان ڪمائڻ پڄي ڪونه..

فقيرن جا قسم
فقيربه مختلف قسمن جا ٿيندا آهن ڪي خانداني فقير هوندا آهن جيڪي جيڪي ابن ڏاڏن کان وٺي پنندا پيا اچن .ڪي ننڍا ٻار پنندا آهن ته ڪن والدين پنڻ لاءِ موڪيندا آهن  ڪي وري مزدوري نه ڪري سگهندا  آهن ۽ پنڻ شروع ڪندا آهن ڪي معذور انسان هوندا آهن ته اهي معذوري جو سبب ڄاڻائي پنڻ شروع ڪندا آهن ڪي  وري يتيم ٻار هوندا آهن ته جن جو هن دنيا ۾ ڪير به نه هوندو آهي ته پوءِ اهي پنڻ شروع ڪندا آهن هو پنڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ چوندا آهن هي ڌنڌو اسان جي وڏن کان هلندو پيو اچي اسان ٻيو ڪم نه ڪنداآهيون پنڻ اسان جو پيشو آهي .

ننڍا ٻا ر جن کي والدين پنڻ لاءِ موڪلن ٿا اهي ويچارا سڄو ڏينهن ماڻهن جي اڳيان مٿصوم چهرو کڻي هٿ ٿا بڌن ته الله جي نالي تي پئسا ڏيو والدين پنهنجي ٻارن کي پڙهڻ بجاءِ يا هنر سيکارڻ جي بجاءِ پنڻ لاءِ ٿا موڪلن .والدين کي پنهنجي ٻارن جي پنڻ جي پرواھ ناهي هوندي ته هو سڄو ڏينهن ڪيئن ٿا گذارين.

پرو فائل 
اسان انويسٽيگيشن رپورٽ دوران مختلف فقيرن سان ملياسين ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا به ڪئي سين انهي دوران سٺو تجربو رهيو،اسان کي ان رپورٽ دوران مختلف شڪلين رنگ ۽ نسل وارا فقير مليا، هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا روپ هئا ڪي معذور هئا ته ڪي هٿ ٺوڪي معذوري ڪيو پئي هليا، ڪي وري پنهنجن ٻارن کي هٿ ۾ پرچي کنيون ڪلهن تي هليا،سندن دوا لاءِ پئسا ناهن برحال هر هڪ فقير جو پنهنجو ڍونگ رچيل هو، 

 مزيدار ڳالھ اها آهي اسان جڏهن پيادل آٽو ڀان روڊ جي آسپاس ريلوي پل جي ڀرسان هڪ فقير کي پنندي ڏٺو جيڪو جوان جماڻ هئو اکيون چمڪيليون ،ڪارا ڇهپر ۽ ڪاري ڏاڙهي ڪارو وڳو پاتل هٿ ۾ ٿلهو ڪارو ڏنڊو مٿي تي رلي جهڙي ٽڪرين واري ٽوپي، ڳچي ۾ ڪنٺا ڪولابا ۽ تسبيحون هٿ ۾ ڪارو ڪستو جنهن ۾ ڪجھ سڪا پيل هئا، ڪنڌ ۾ گودڙي لٽڪيل هئس عمر لڳ ڀڳ 40کان 45 سال پئي لڳي صفا ٺٺ جوان پئي لڳو پر هلڻ ۾ ڦڙتيلو وڏي ڳاڙهي اک ڄڻ شعلا پيا ٻرن مٿان وري کيس سرمي ڏوئي سان پاتل ڄڻ سٺو ڀلو زميندار پئي لڳو. 

اسان کي لڳو پئي ته هي فقير نه ڍونگي آهي اسان به دل ٻڌي سڏ ڪري پنهنجو تعارف ڪرائي هن جو حال پڇيوسين ،پنهنجو نالو شايد نور محمد ٻڌايائين ذات پڇڻ تي ڪڙِڪي آواز ۾ چيائين ٻروچ آهيان، اهڙي چٽي آواز ان مان ٻروچڪي ظاهر ٿي پئي، ٻروچ پر ذات جو کوسو آهيان. مان اصل رهاڪو لاڙڪاڻي جو آهيان. هتي پنڻ لاءِ آيو آهيان، گهر ۾ ٻارن ٻچن جي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ به نه آهي، ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون آهن هڪ پٽ الڳ  رهندو آهي ۽  ٻه ننڍڙا پٽ  اسڪول  ۾ پڙهندا آهن،

ملڪيت ٽڪو به نه ٻڌايائين پر ان جي چهري مان ظاهر پئي ٿيو ته خاصي ڪا ملڪيت جو  مالڪ آهي پر ظاهر ذري به نه پيو ڪري، پنڻ جو سبب ٻڌايائين ته ڪم نٿو ڪري سگهان، تون ته صحت مند ۽ هٽو گهٽو ٿو لڳين. جڏهن ته ڳالهائڻ ۾ چالاڪ پيو لڳين پر ڪمائڻ کان ٻرو رڳو پنڻ تي زور، پوءِ مزدوري ڇو نه پيو ڪرين ڪک تي هٿ لاهيندي چيائين ته هتي سور آهي ان جي اسپتال مان دوا ڪرائي ،ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ کان بهتر آهي ته عزت جي روزي  ڪر. ڪمائڻ مونکان پڄي ئي نه 15 سالن کان پنندو آهيان . انهي ڪري لاڙڪاڻو ڇڏي روپ مٽائي هتي پنڻ آيو آهيان. ڳوٺ ٻارن سان موبائل تي ڳالهائيندو آهيان 
موبائل به ٽچ اسڪرين واري هئس 400 کان 700  تائين روزانو پني گڏ ڪندو آهيان ڪي سخي مرد مومن 500 يا 1000 هزار جا نوٽ به ڏيندا آهن. اسان کي موبائل ڏسندي چيائين ته منهنجو آوز ريڪارڊ نه ڪيو، منهجو آواز رڪارڊ ڪري منهنجي رشتيدارن کي ٻڌائيندو، مان انهن کي حيدرآباد ۾ نوڪري ڪرڻ جو ٻڌائيندو آهيان، اگر پنڻ جي خبر پين تي منهجي بيعزتي ٿيندي. 
Dec 2015
Manzar Ali Bhatti, Asghar Narejo, Anus Buriro 
The work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi  

No comments:

Post a Comment