Sunday, December 6, 2015

Entry test business

Which part is done by which group member?  Same type of article was published in Urdu section during this semester
Referred back. check ur mail for details. fotos also needed
 It lacks profile of this sector

The work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi 
Investigative report by 
Rahmat Ali Roll# 86
 Abdul Salam Soomro Roll#  05
 Zafarullah Soomro Roll# 43

انٽري ٽيسٽ تياري
پاڪستان اندر تقريبن سمورين يونيورسٽين ۾ بيچلرس توڙي ماسٽرس جي داخلا لاءِ شاگردن کان انٽري ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي جيڪا کين لازمي پاس ڪرڻي پوي ٿي. ملڪ ۾ ٽوٽل پبلڪ توڙي پرائيويٽ يونيورسٽين جو انگ 132 آهي، جن مان 73 پبلڪ ۽ 59 پرائيويٽ يونيورسٽيون آهن. سنڌ ۾ پرائيويٽ يونيورسٽين جو تعداد 24 آهي جيڪو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ پبلڪ  15 يونيورسٽين سان ٽئين نمبر تي آهي.

جيئن ته يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لازم آهي، ان سلسلي ۾ هر شاگرد چاهيندو آهي ته هو اها ٽيسٽ پاس ڪري ته
 جيئن کينس سٺي شعبي ۾ داخلا ملي. انڪري هر شاگرد وسان ڪونه گهٽائيندو آهي. 
شروع شروع ۾ يونيورسٽن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ نه ورتي هوندي هئي ۽ انٽرميڊيئيٽ جي مارڪن آڌار ميرٽ  جي بنياد تي داخلا ڪئي ويندي هئي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انٽري ٽيسٽ جو نطام متعارف ڪرايو ويو،۽ ايئن هر سال انٽري ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي. جيڪڏهن ان تي غور ڪجي تـ اهيو قدم ڪجھ قدر صحيح بـ آهي تـ غلط پڻ.هڪ ڳالھ تـ ان ۾ شاگرد جي ذهانت سان گڏوگڏ عام معلومات جي بـ خبر پوي ٿي. پر جڏهن ٻئي پاسي کان ڏِسجي تـ جڏهن شاگرد ٻارنهن درجا پاس ڪري اچي ٿو تـ ظاهر آهي تـ انکي معلومات ۽ ذهانت پڻ هوندي تڏهن ئي تـ ايترا درجا پڙهي اچي ٿو. سو انٽري ٽيسٽ بجاءِ انٽرويو ورتو وڃي تـ بهتر آهي. انٽري ٽيسٽ جي چڪر ۾ڪيترن ئي شاگردن کي مالي خساري سان گڏوگڏ ٻيون ڪيتريون ئي ڏکيائيون درپيش اينديون رهن ٿيون. ڇو ته شاگردن جي اڪثريت هيٺئين طبقي سان واسطو رکندڙ آهي، کين ايترو پئسو نه آهي ته هو ڪنهن سٺي سينٽر تي انٽري لاءِ تياري ڪري وٺن. ڪي اهڙا به شاگرد آهن جيڪي گهر ايٺي سخت محنت ڪري ٽيسٽ پاس ڪري وٺن ٿا. پر وري تعليمي بورڊ جي بد عنوانين ۽ ڪرپشن سبب مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ جي امتحانن ۾ گھٽ مارڪن جي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ رهجيو وڃي.

جيڪڏنهن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ يونيورسٽين تي نظر وجهبي تـ اتي به يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي ويندي آهي پر انهن ۾ يونيورسٽين جي اڪثريت انٽرميڊيئيٽ جي بنياد تي انٽري ٽيسٽ کانسواءِ داخلائون ڏئي ٿي.ان جو مثال جهڙوڪ؛ انڊيا جي رياست مهاراشٽرا آهي. جنهن ۾ يونيورسٽي جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي نـ ويندي آهي. اهڙي طرح روس ۾ يونيفائيڊ ريپبلڪ يونيورسٽي ۾ به ٽيسٽ نه ورتي ويندي آهي ايئن ڪيترن ملڪن ۾ داخلا جو عليحده طريقيڪار آهي.
هتي اسان وٽ پاڪستان ۾ بـ ڪجھ يونيورسٽين ۾ انٽري ٽيسٽ ناهي ورتي ويندي.جيئن قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ جهڙوڪ؛ نيچرل سائنس فيڪلٽي ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ نه ورتي ويندي آهي. ان سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي ملڪن اندر انٽري ٽيسٽ نظام کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهنجي بدولت ٻاهرين ملڪن جا وڏي تعداد ۾ پڙهڻ اچن ٿا.

  پر خاص ڪري سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ لازمي قرار ڏنل آهي. انڪري اندرون سنڌ جا ڪيترائي شاگرد اعلٰي تعليم پرائڻ کان رهجيو وڃن ٿا. پنجاب ۾ تازو ئي 08 سيپٽمبر 2015 تي ايم پي اَي نبيل حاڪم علي ۽ ٻين طرفان پنجاب اسيمبلي ۾ انٽري ٽيسٽ جو نظام ختم ڪرڻ لاءِ قرارداد جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته داخلا  ميڊيڪل اِدارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي انٽري ٽيسٽ کانسواءِداخلا ڏني وڃي.عام طرح ڏٺو وڃي ته اهو هڪ سٺو قدم آهي جنهن سان هر شاگرد آساني سان داخلا وٺي سگهندو. ان جو فائدو اهو ٿيندو جو غريب شاگردن کي انٽري ٽيسٽ جي تياريءَ لاءِ سينٽرن جون ڳريون فيسون ادا نه ڪرڻ ۽ شهر ۾ رهائش سان گڏوگڏ ٻين خرچن کان بچي پوندا.
هر هڪ يونيورسٽي ۾ هر ضلعي لاءِ شهري توڙي ٻهراڙي جي شاگردن لاءِ سيٽون مخصوص ٿيل هونديون آهن.

انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرائيندڙ سينٽرن تي ڪرپشن:
ٻارهين پاس ڪرڻ کانپوءِ ھر شاگرد جلد ئي ڪنھن نه ڪنھن شھر وڃي ڪنھن سٺي سينٽر تي ماھر استادن جي نگراني ۾ داخلا وٺي تعليم حاصل ڪندا آھن، اھي استاد صرف انهن سينٽرن تي ئي نه پڙهائيندا آهن پر سرڪاري ڪاليجن ليڪچرر، پروفيسر جا ھوندا آھن، جيڪي ڪاليج کانپوءِ انهن سينٽرن جو رخُ ڪندا آهن ۽ جتي ھو صرف ۽ صرف 40 کان 50 منٽ جا 2 ڪلاس وٺندا آھن انھن ٻن ڪلاس جا سينٽر انتظاميا کان ھر مينھني دل گھريا پيسا وٺندا آھن خاص ڪري انٽري ٽيسٽ جي ڪلاسن جي وقت استاد سينٽر انتظاميا سان پيڪيج جي حساب سان 40 يا 50 سيڪڙو وٺندا آھن ۽ سڌو چوندا آھن ته جيڪڏھن توھان ايترا سيڪڙو في ٻار تي نه ڏيندا ته مان توھان جي سينٽر تي نه پڙھائيندس ۽ ڪجھ خاص شاگرد ھتي صرف منھجي لاءِ ايندا آھن انھن کي به پاڻ سان گڏ ويندس. پوءِ آخر ڪار سينٽر انتظاميا مجبور ٿي کين ھر ڳالھ ۾ ھا ۾ ھا ملائيندا آھن، ڇاڪاڻ جو سينٽر تي انھن استادن جي ڪري ئي تمام گھڻا شاگرد ايندا آھن جيڪڏھن اھي جڳ مشھور استاد ان سينٽر تي نه ھوندا ته شاگردن جي تعداد به گھٽ ھوندو آھي جتي اھي استاد پڙھائيندا آھن شاگرد استادن کي ڳولي ان سينٽر تي پڙھڻ لاءِ وڃي پھچندا آھن. يونيورسٽن مان بيچلر ،ماسٽر ۽ ايم فل ڪري جيڪي نوجوان بي روزگار ويٺا ھوندا آھن اُھي پنھنجي شھر جي بھترين ۽ مشھور استادن سان ملندا آھن جيڪي سرڪاري ڪاليج يا وري ڪنھن مشھور پرائيوٽ ڪاليج ۾ پڙھيندا آھن ۽ انھن سان گڏ ٿي  ڪري يارھين ٻارھين جي  ڪوچنگ ڪلاس  ۽ انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرائڻ جا سينٽر کوليندا آھن، شاگرد اڪثر ڪري انھن سينٽرن تي ويندا آھن جتي پڙھائڻ وارو اسٽاف سٺو ھجي ۽ ان علائقي جا مشھور استاد اُتي  پڙھائيندا ھجن. 
پاڪستان جي ٻين وڏن شھرن لاھور،ڪراچي، حيدرآباد جي ڳالھ ته پري رھي جيڪڏھن اسان لاڙڪاڻي ضلعي تي نظر وجهنداسين اتي  بي يارھين، ٻارھين درجي ۽ انٽري ٽيسٽ جي تياري وارا سينٽر اٽڪل 10 ٿي ويندا پر انھن مان 5 اھڙا سينٽر آهن جن جي وچ ۾ مقابلو رھندو آھي جتي شاگرن جي اڪثريت ھوندي آھي انھن ۾ ٽيلينٽ ،يونيڪ، ميپس، سَم ۽ اولڊ سنڌ سائنس ڪاليج سينٽر مشھور آھن، جتي شاگردن کي انٽري ٽيسٽ کان اڳ عام ڪلاسن جي ڪوچنگ ڏني ويندي آھي انھن مينھن ۾ ھر ماه 1500 روپيا فيس ورتي ويندي آھي، ۽ جون جولاءِ آگسٽ ۾ انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرائي ويندي آھي، جتي ٽن مهينن جو پيڪيج ٻاويھ کان پنجويهن هزارن تائين آهي. انھن سينٽرن تي صرف لاڙڪاڻي جا شآگرد نه پڙھندا آھن پر ڀرپاسي جي ضلعن قمبر شھدادڪوٽ، جيڪب آباد جا شاگرد لاڙڪاڻي ۾ اچي مٽن مائٽن وٽ رھي ڪري سينٽرن تي تعليم حاصل ڪندا آھن انھن پري کان آيل شاگردن سان ھمدردي ڪرڻ ته ٺھيو مٿس کيس ماحول کان اڻ ڄاڻ سمجهي ڪري ايڊميشن فارم ۽ ايڊميشن جا پيسا وڌائي وٺندا آھن، انھن انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرائڻ وارن سڀني سينٽرن تي ھر سال اٽڪل450 کان 500 شاگرد انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪندا آھن جن ۾ يارھين جماعت جا شاگرد به ھوندا آھن ڇاڪاڻ جو لڳاتار 2 سال انٽري جي تياري سان  کين سٺو سکڻ کان ملندو آھي. انٽري ٽيسٽ جا سينٽر اڄ ڪلھ صرف ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويا آھن. اسان جي شھرن ۾ ڪجھ اھڙا به استاد آھن جيڪي سڄو ڏينھن ٻارن کي پڙھائڻ ۾ گذاريندا آھن.

 مٿي ذڪر ڪيل اهڙن استادن مان سائين رام چند ھڪ آھي. سائين پاڻ ڊگري ڪاليج (بوائز) لاڙڪاڻي ۾  ڪيمسٽري جو ليڪچرار آھي ھو صبح جو ڊگري ڪاليج ٽائيم ٽيبل جي حساب سان پنھنجا ڪلاس وٺڻ کانپوءِ 3 وڳي کان 5 وڳي تائين سم سينٽر تي ڪيمسٽري پڙھائڻ لاءِ ويندو آھي ۽ ان کانپوءِ سائين چپ ڪري نه ويهندو آھي پر ڪاليج ۽ سينٽر تي پڙھائڻ کانپوءِ به سائين شام جي پھر ۾ پنھنجي گھر ۾ پنھنجي ڪجھ شاگردن کي سِيپريٽ ٽيوشن پڙھائيندو آھي ۽  شاگردن کي ڌار ڌار ڪيمسٽري  سبجيڪٽ جا پڙھائڻ جا 8000 ھزار وٺندو آھي، سائين جن ڪاليج کان وڌيڪ ٽائيم سينٽر ۽ خاص ڪري گھر ۾ ايندڙ سِيپريٽ ٽُيوشن پڙھڻ وارن ٻارن کي ڏيندا آھن، ڇاڪاڻ  ته جيترو پيسو ڪاليج جي پگھار مان ملندو آھي ان کان 2 ڀيرا وڌيڪ ھو سينٽر ۽ سيِپريٽ مان ڪمائي ويندو آھي ۽ ڪاليج ۾ صحيح ٽائيم ڏئي يا نه پوءِ به سندس جي پگھار ته کري آھي.

اھڙو ئي ھڪ ٻيو به زنده مثال آھي جيڪو بلڪل سائين رام چند جيان آھي اھو ميڊيڪل جي شاگردن کي پڙھائيندو آھي سائين پاڻ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج  زوولاجي جو ليڪچرار آھي. سائين به ڪاليج ۾ ڪلاس وٺڻ کانپوءِ يونيڪ سينٽر تي ميڊيڪل جي شاگردن کي زولاجي پڙھائيندو آھي سينٽر کانپوءِ سائين پنھنجي ساٿي استادن جي رسم کي زنده رکندي ٻين استادن وانگر سيپريٽ ٽويشن پڙھائيندو آھي، سائين نه رڳو انٽر جي شاگردن کي سيپريٽ پڙھائيندو آھي پر ھو يارھين درجي جي شاگردن کي به انھي وقت پڙھائيندو آھي. ڪجھ استاد صاحب ته اھڙا به آھن جيڪي صبح جي وقت  پنھنجي ڪاليج ۾ ڪلاس وٺڻ بعد ڳوليا نه ملندا آھن ۽ ملندا به ڪيئن ڇو جو ھو ھڪ يا ڪڏھن ڪڏھن ٻه ڪلاس وٺڻ کانپوءِ شھر جي ٻين ڪاليجن ۾ ھفتي تي 2 کان 3 ڏينھن ڪلاس وٺندا آھن انھن ٽن ڏينھن جا ان ڪاليج جي انتظاميا کان 10000 ته پڪا وصول ڪندا آھن. اڪثر ڪري انھن استادن وٽ سيپريٽ ٽيوشن ۽ سينٽرن تي اميرن جا ٻار ويندا آھن ڇاڪاڻ جو انھن سينٽرن جي فيس غريب جي پھچ کان سئو ميل ڏور تي ھوندي آھي. ۽ استاد ڪاليج ۾ اھڙو نه ٿا پڙھائين جهڙو سينٽر تي پڙھائن ٿا، تنھن ڪري غريب ٻار کي اڳتي نڪرڻ ۾ وڏيون ڏکيايون پيش اچن ٿيون.


سينٽرن تي موجود ڪجھ سٺيون ڳالهيون؛
انٽري ٽيسٽ جا سينٽر جتي ڪجھ غريبن جي لاءِ ھڪ وڏو مسئلو آھن اتي ٻئي طرف استادن ۽ سينٽر اسٽاف لاءِ ھڪ سٺو ڪمائي جو ذريعو پڻ آھي .شھر اندڙ سينٽر ھجڻ سان ڪجھ سھولتون به آھن ، پھريان صرف ڇوڪرا ڳوٺن ۽ ننڍن شھر کان نڪري ڪري ٻين شھرن ۾ انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪندا ھئا. پر پنھنجي شھر ۾ سينٽر قائم ٿيڻ سان ڇوڪرين کي به اڳتي نڪرڻ جو موقعو ملي ويو آھي، ان سان گڏوگڏ سينٽر ۽ سيپريٽ ٽيوشن جي ڪري تمام گھڻو فائدو پري کان ايندڙ ٻاھرن کي ملي ٿو ڇاڪاڻ جو صبح جو سوير ھو ڪاليج ٽائيم تي نه پھچي سگھندا آھن ته پوءِ شام جي پھر م سينٽرن تي وڃي ڪري پنھنجو ڪورس مڪمل ڪندا آھن، سينٽر ۽ سيپريٽ ٽيوشن خاص ڪري انھن شاگردن لاءِ فائديمند ھوندي آھي جيڪي اڪثر ڪري ليڪچر ھڪ دفعي ۾ نه سمجي سگھندا آُھن  پر جيڪڏھن اسان سينٽر استادن وٽ سيپريٽ پڙُھندڙن تي غور ڪيون ته اسان کي اڪثريت انھن شاگردن جي ملندي جيڪي پرائيوٽ ڪاليج جا ھوندا اھن  ڇاڪاڻ جو انھن شاگردن وٽ انھن ڪاليجن ۾ اھڙا تجريبڪار استاد نه ملندا آھن پوءِ ھو سينٽر تي انھن استادن جي نگراني ۾ اچي پڙھندا آھن.

تعليمي بورڊن جي ذميواري 
  هر ايندڙ سال هزارين شاگرد انٽرميڊئيٽ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ تعليمي اداري يعٰني يونيورسٽين ڏانهن رخ ڪن ٿا پر الميو اهو آهي جو تعليمي بورڊن ۾ ڪرپٽ ۽ سفارشي عملو موجود هئڻ ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي جو هوشيار ۽ اهل شاگردن کي سٺن گريڊن ۽ مارڪن ملڻ بجاءِ جيڪي شاگرد مڪمل پڙهائي کان ڪٽيل رهن ٿا اهي سفارش ۽ پئسن عيوض سٺن گريڊن سان  نوازيا وڃن ٿا ۽ اسان جي يونيورسٽين جي سليڪشن جو نظام به ڪجھ اهڙو رکيل آهي جو جيڪي شآگرد انٽرميڊيئيٽ ۾ سٺيون مارڪون کڻي اچن ٿا، انهن جي سليڪٽ ٿيڻ جا موقعا وڌيڪ هوندا آهن، نتيجي ۾ اهل شاگرد نه جي برابر ۽ باقي پئسن ۽ سفارش تي مارڪون وٺي پاس ٿيل شاگرد يونيورسٽين تائين پهچن ٿا ۽ يونيورسٽين ۾ داخل ٿيڻ بعد به سندن ساڳيو حال آهي جنهنڪري اڏن ادارن ۾ رهندي به ڪجھ خاص پرائي نه ٿا سگهن يقينن ان سان سنڌ جي شعور کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو. 

تعليمي ادارن، بورڊن ۽ عملي تي صحيح نموني نطرثاني نه هئڻ ڪري ڪرپٽ ماڻهن ڪنهن سبزي منڊيءَ ۾ هلندڙ واڪ جيان مارڪون ۽ گريڊ وڪڻڻ لاءِ پڻ واڪ ٺاهي رکيا آهن، انٽرميڊئيٽ ۾ “اي ون” گريڊ  لاءِ 50 کان 70 هزار ۽ مئٽرڪ ۾ “اي ون” گريڊ لاءِ 25 کان 30 هزار وٺي گريڊ ڏنا وڃن ٿا. مثال؛ 

1 مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا جا خواهشمند شاگرد هزارين روپيا خرچ ڪري مارڪون وٺندا آهن ته جيئن سندن
 سليڪشن جو وڌيڪ موقعو ملي.

2 چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو هاڻي جنهن جي سيٽ لکين روپين ۾ پئي وڃي اتي داخله جي خواهش رکندڙ شاگرد پڻ پنجاھ پنجاھ هزار کان وڌيڪ پئسا ڀري گريڊ وٺي ٽيسٽ ڏيندا آهن.

هاڻي غريب شاگرد جيڪو محنت ڪري پڙهي ۽ امتحانن جي تياري ڪري ۽ اهل هجڻ باوجود به سندس مارڪون ڪريل رهن ٿيون ڇاڪاڻ ته ان وٽ ڪا خاص سفارش به نه آهي ۽ معاشي طور به سگهارو ڪين آهي انڪري سٺيون مارڪون کڻن صرف سفارشي ۽ پئسي وارن ماڻهن جي ورثي ۾ آهن. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ورتا ويندڙ امتحانن ۾ عام جام ڪاپي هلندي رهندي آهي ۽ شاگرد ڪاپي ڪري مارڪون کڻندا آهن جيڪا ڳالھ بورڊ اختيارين کان ڳجهي نه آهي پر تنهن هوندي به مڙئي پنهنجي ذميواري (فارملٽي) پوري ڪرڻ لاءِ امتحانن دوران بورڊ ٽيمون ٺاهي مختلف امتحاني سينٽرن ڏانهن روانيون ڪيون وينديون آهن پر ڪاپي هلندي رهندي آهي ڪو به کڙ تيل ڪونه نڪرندو آهي.

هر سال ساڳيو ئي سلسلو هلندو پيو اچي، “ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ”  وارو جهان لڳو پيو هوندو آهي هڪڙا ڪاپي ڪري اڳتي هلندا پيا وڃن وري ٻيا!! پر بهتريءَ طرف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته انهيءَ سلسلي جي روان دوان هجڻ سان مٿي ويٺل ڪارين رڍن جا پيٽ پيا ڀرجن. ظاهر ڳالھ آهي ته جيڪڏهن مارڪون صاف شفاف نموني ميرٽ جي آڌار ڏنيون وڃن ته ڪير به پئسا کڻي مارڪن لاءِ منٿون ڪونه ڪندو انڪري انهيءَ ڪاروهنوار جي هلڻ سان کين ڪو الڪو ته ڪين آهي پر دلي طور خوش ويٺل آهن.
   
جيڪڏهن اسان پنجاب جي تعليمي نظام تي نظر وجهنداسين ته اهو سنڌ جي تعليمي نظام کان تمام گهڻو اڳتي آهي جنهن جو مکيه سبب اهو آهي جو اتي جو شاگرد ڪاپي ڪري اڳتي نه وڌندو آهي ۽ تعليمي بورڊن ۾ پڻ ميرٽ جي بنياد تي مارڪون ڏنيو وينديون آهن، ان جو فائدو اهو ٿئي ٿو جو جيڪو شاگرد هوشيار ۽ وڌيڪ محنتي آهي ان کي وڌيڪ ترجيع ڏني وڃي ٿي جنهڪري هر شاگرد ۾ محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، اهو ئي مکيه سبب آهي جو اتي جا شاگرد  اسانجي شاگردن کان وڌيڪ هوشيار ۽ محنتي آهن.

تعليمي کاتي کي گهرجي ته تعليمي بورڊن جي عملي ڏانهن مناسب توجھ ڏنو وڃي ته جيئن  نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين ورتا ويندڙ امتحانن مان ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪري سٺو تعليمي نظام متعارف ڪرايو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ استاد صاحبان جي قرتوتن ڏانهن پڻ هڪ نظر ڦيرائي کانئن سختي سان ڊيوٽي ورتي وڃي ته جيئن ڪو به استاد ويزا تي ويٺل نه رهي، ان سان اهو فائدو ٿيندو ته جيڪڏهن اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بهتر پڙهائي جو نظام هوندو ته شاگرد سينٽرن جي ڳرين فيسن ڀرڻ کان بچيل رهندا ۽ جيڪي استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾پڙهائڻ بجاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو بڻيل سينٽرن جي صورت ۾ کليل دڪان پڻ بند ٿي ويندا ۽ اهي ئي استاد پوءِ سرڪاري ادارن ۾ پڙهائڻ تي مجبور ٿي پوندا ۽ جڏهن استاد سٺي نموني سرڪاري ادارن ۾ ئي پڙهائيندا ته اعلٰي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ جي خواهش رکندڙ شاگردن جي انٽري ٽيسٽ جي تياري پڻ ٿي ويندي ۽ ان انٽري ٽيسٽ جي تياري جي لاءِ تمام گهڻين تڪليفن کان پڻ بچي سگهبو.

تعليم کاتي کي گهرجي ته سرڪاري ڪاليجن جي ليڪچررن، پروفيسرن ۽ اسڪولي استادن کي پرائيويٽ  ٽيوشن سينٽرز کولڻ تي پابندي مڙهي سرڪاري ادارن ۾ سندن صلاحيتون اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي سرڪاري ملازم آهن ۽ عوام جي ٽيڪسن مان کين هر مهيني پگهار ڏنو وڃي ٿو. ان جو مثال اسان صحت کاتي جي ڊاڪٽرز مان وٺي سگهون ٿا جيئن پي پي ايڇ آءِ جي پليٽ فارم تان ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرس کي پرائيويٽ ڪلينڪ کولڻ جي اجازت نه هوندي آهي، ان جو سبب اهو آهي جو جيڪڏهن ساڳيا ئي ڊاڪٽر ٻن يعٰني سرڪاري ۽ پرائيويٽ  جڳهن تي ڪم ڪندا ته پنهنجي پرائويٽ ڪلينڪ کي وڌيڪ ترجيع ڏئي سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي صحيح چڪاس نه ڪري کين پنهنجي نجي (پرائيويٽ) ڪلينڪن تي رِفر ڪندا. تعليم کاتي کي پڻ اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن استاد سرڪاري ادارن ۾ صحيح نموني پڙهائن ۽ ان مان ئي وڌيڪ پڙهائي جي خواهش رکندڙ شاگردن جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ انٽري ٽيسٽن جي تياري پڻ ٿي وڃي. 

Suggested Outline: 
Topic: Entry test preparation Group members: Rahmat  Ali, 2) Abdul S alam, 3) Zafarullah 
Sub topic: 1, entrance in universities in Punjab and others.2. comparison. 3. good things. 4. corruption. characters.6, responsibility of ( board, students, teachers) .6. conclusion. 
first two points by Rahmatullah, other 3 to 4 by Zafar and 5 to 6 by Ab Salam.   


No comments:

Post a Comment