Saturday, December 5, 2015

Eating out places in Hyderabad

Referred back 
هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ جو ڪاروبار
By.............
جيئن جيئن دنيا ترقيءَ جا فاصلا طئي ڪندي ڏينهون ڏينهن حيرت انگيز ايجادون ڪرڻ ۾ مصروف آهي، تيئن تيئن سماجن اندر ماڻهن جي اٿڻ ويهڻ چال چلت سوچ ۽ فهم کان ويندي کائڻ پيئڻ جا به نوان طعام ۽ طريقا ايندا رهن ٿا. 
اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي مهذب ۽ ترقي يافته ملڪن اندر نون کاڌن جا ريسٽورنٽ به ٺهندا رهن ٿا، جتي برگر فيمليون پنهنجي گهرن ۾ رڌ پچاءُ بجاءِ هوٽلن کي ترجيع ڏين ٿيون ۽ سڄي دنيا اندر کاڌن پيتن جا اعلٰي مرڪز کلندا رهن ٿا. اهو دبئي جي سمنڊ جي  وچ ۾ قائم برجِ العرب کان ويندي تائين دنيا ۾ مشهور آهن ، برعڪس ان جي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ به اهڙا ريسٽورنٽ روڊن، فاٽڪن، چوڪن ۽ اسٽيشن تي وڏي تعداد ۾ موجود آهن جتي هر روز هزارن جي تعداد ۾ نه صرف ماڻهون کاڌو کائن ٿا پر ڪيترن ئي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو بڻيل آهن، اهو ريسٽورنٽ جو مالڪ هجي، مينيجر هجي، بورچي هجي يا وري هوٽل تي ماڻهن کي ماني کارائيندڙ ۽ پاڻي پيئاريندڙ ڀيرو هجي يا وري اتي کير پهچائيندڙ کير وارو ، مرغي گوشت ، مڇي ۽ سبزي پهچائيندڙ هجن. انهن سڀني جي روزگار جو ذريعو ريسٽورنٽ آهن جهڙوڪ هڪ مرغي ۽ گوشت جو ڊيلر عام شهري کي ته گوشت فراهم نه ٿو ڪري يا انهن وٽ سيل نه ٿو ٿي سگهي پر ريشٽورنٽ ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ هزارن جي سيل ٿي وڃي ٿي، اهڙي طرح تلاءِ ۾ مڇي پاليندڙ هڪ واپاري ايئن بازار ۾ مڻن جي تعداد ۾ مڇي سيل ڪرڻ مسئلو آهي پر هو ريسٽورنٽ تي هزارن جي مڇي سيل ڪريو ڇڏي اهڙي طرح کير جو واپاري واڙي وارو به هڪ ئي ڌڪ ۾ هوٽلن تي کير ڏئي هزارين رپيه ڪمائن ٿا. اهڙي طره سبزي به مڻن جي صورت ۾ ريسٽورنٽن تي پهچي ٿي جنهن سان سبزي منڊي مالڪن توڙي هاري ۽ زميندارن جو به روزگار ٿيو وڃي ان کان علاوه ايندڙ ويندڙ گهوراڙو به پنهنجي گهر جو گاڏو هوٽلن تي اچ وڃ ڪري ننڊيون ننڊيون ضرورت منڌ شيون جهڙوڪ ننڊڙن ٻارن جا ڪپڙا آئينو رانديڪا اخبارون ۽ ننڊيو وڏيون شيون اچي هوڪا ڏئي کپائي روزگار ڪن ٿا  مطلب ته هوٽل نه صرف هڪ ئي مالڪ لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي ٿو پر ڪيترن ئي طبقن جي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي.
 ان حوالي سان گڏ ڪيل معلومات موجب ثمرينه هوتل جي مالڪ اعجاز علي جو چوڻ هو ته اسان هتي هر روز جي بنياد تي چڳو خاصو روزگار ڪيون ٿا ۽ هن ٻڌايو ته هو پنهنجي هوٽل تي هر روز ٻه مڻ مرغي 10 ڪلو گوشت ۽ هفتي لاءِ سبزي وٺون ٿا ۽ کير جو مڻ هر روز جي حساب سان وٺون ٿا هن جو چوڻ هو ته هوٽلن جي کاڌن ۾ مهانگائي جو سبب هر روز وڌندڙ گوشت، گيهه، کير ۽ ٻين مصالن جو مهانگو ۽ مزدورن جي مزدوري آهي، جنهن ڪري خرچن کي مدِ نظر رکندي  هوٽل هلائي روزگار ڪيون ٿا. ٻئي پاسي سبزي منڊي ئي هوثلن کي سبزي ڏيندڙ خان محمد خاصخيلي جو چوڻ هو ته مان صبح سان ڪافي هوٽلن تي سبزي پهچايان ٿو جنهن ڪري بازار کان وڌيڪ سبزي هوٽلن تي وڃي ٿي جنهن سان چڱو خاصو روزگار ٿئي ٿو هوڏانهن هوٽلن تي ماني کائيندڙ ڪجهه گراهڪن جو چوڻ هو ته اسان هتي هوٽلن ۾ ماني شوق سان کائڻ اچون ٿا پر سٺي ڪوالٽي ڪو نه ٿي ملي جنهن ڪري هاڻي هوٽلنگ جو اهو مزو هتي ناهي جيڪو ٻين ملڪن اندر آهي.
انهن سمورين ڳالهين جي باوجود نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه هي به آهي ته هوٽلن ۾ وڏي تعداد ۾ کاڌو ضايع پڻ روز جي بنياد تي ٿي ٿو ان سان گڏوگڏ هڪ اهم اها ڳالهه به آهي ته جتي هوٽل مالڪ هزارين روپيه ڪمائن ٿا اتي مزدوري ڪندڙ ۽ هوٽل جي بورچي ۽ ٻين مزدورن کي مزدوري جي اجرت گهٽ ملي ٿي ان سان گڏوگڏ هوٽلن جا وڏا سيٺيون کاڌن ۾ مختلف قسم جي اهڙي ملاوٽ پڻ ڪن ٿا جيڪا انساني صحت لاءِ نقصان ڪار ٿئي ٿي مثال طور گهڻا گرم مصالا وجهڻ سبب ڪي ئي خاندان مختلف بيمارين ۾ زندگي وڃائي ويهن ٿا.
 ان صورتحال جي مدِ نطر وقت جي حاڪمن ۽ انتظاميه کي گهرجي ته هوٽلن ۾ غير مناسب کاڌو تيار ڪندڙ هوٽل ڊيلرن خلاف قدم کڻي انهن کاڌن جي ڪوالٽي کي عمداه بڻائن جيئن ماڻهون گهرن بجاءِ هوٽلن تي ماني کائي مزو ۽ سڪون وٺن اهو سندن زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت نه ٿي.


کاڌن ۾ ترجيع ماڻيندڙ فاسٽ فوڊ
اطهرالدين ابڙو رول نمبر 22


اڄ جي جديد دور ۾ رهندڙ ماڻهن جي فاسٽ فوڊ کاڌن کي گھڻي ترجيع ڏيڻ؛
فاسٽ فوڊ هڪ کاڌي جو قسم آهي، جيڪو عام کاڌي کان جلدي تيار ٿئي ٿو. فاسٽ فوڊ جيڪو 1950ع ۾ آمريڪا ۾ ٺهيو. هي کاڌو اڪثر پهريان کان ئي اهڙو تيار ٿيل هوندو آهي جو ان کي تيار ڪرڻ ۾ ايترو وقت ناهي لڳندو. اڄ جي جديد دور ۾ جتي هر ماڻهو دنيا جي تيزيءِ جي رفتاتر سان هر ڪوئي تيز ٿي ويو آهي. جنهنڪري ڏٺو وڃي تـ اڄڪلھ فاسٽ فوڊ کي گھڻي اهميت حاصل آهي. گھڻو ڪري اڄڪلھ جي نئين نسل جيڪا فاسٽ فوڊ کي گھڻي ترجيع ڏئي ٿي. پوءِ چاهي پارٽي هجي، يا ڪنهنجي دعوت هجي، يا ٻيو ڪو فنڪشن هجي، انهن ۾ فاسٽ فوڊ کي گھڻي ترجيع ڏني وڃي ٿي. فاسٽ فوڊ  جا حيدرآباد ۾ اٽڪل 10 کان 15 تائين فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ کلي ويا آهن، جيڪي عام ريسٽورنٽس کان وڌيڪ ڪاروبار ڪن ٿا. 
هتي حيدرآباد ۾ ڏينهون ڏينهن ڪيترائي فاسٽ فوڊ پوائنٽس کلي رهيا آهن، جن مان اسين ڪجھ اهم ۽ مشهور فاسٽ فوڊ پوائنٽس جو ذڪر ڪنداسين. جنهن ۾ مرچي 360 حيدرآباد ۾ نمبر پهرئين تي مشهور هجڻ سان گڏوگڏ گھڻو پسند ڪيو ويندڙ آهي. هن پوائنٽ تي فاسٽ فوڊ جا 360 قسم موجود آهن، جتي هر روز سَون جي تعداد ۾ مختلف ماڻهو پنهنجون فيميليز سان گڏ اچن ٿا. مِرچي 360 پوائنٽ تي ويهڻ جي جڳھ مشڪل ملڻ باوجود بـ گھڻا ماڻهو هتي اچي مختلف کاڌا کائي لطف اندوز ٿين ٿا. انکانپوءِ ٻئي نمبر تي (ڪي ايف سي)، (مڪڊونلڊز) ۽ پيزا هٽس اچي وڃن ٿا. هتي ريسٽورنٽس ۽ ويهڻ لاءِ ڪشادا حال پڻ ٺهيل آهن جتي مٿيئن طبقي سان واسطو رکندڙ خاندان خاص سِيڙجي فاسٽ فوڊ کائڻ اچن ٿا.
انويسٽيگيشن رپورٽنگ ڪرڻ مهل اسان ڪيترن ئي انهن ماڻهن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي جيڪي وڌ ۾وڌ فاسٽ فوڊ کائيندڙ هئا. جن ٻڌايو تـ اسين شوق سان فاسٽ فوڊزکائيندا هئاسين، پر گھڻي واپرائڻ سان اسانجي صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو، جنهن سبب ڪيتريون ئي بيماريون ٿيون آهن، جن مان ٿولھ ، چرٻي  جو وڌڻ ۽ انرجي جي گھٽجڻ سان گڏوگڏ ٻيون بـ ڪيتريون ئي آهن.
هيٺ اسين ڪجھ انهن ڳالهين جو ذڪر ڪنداسين، جن کان اڪثر فاسٽ فوڊ کائيندڙ بي خبر هوندا آهن.
پوئين گذريل ٻن ڏهاڪن دوران فاسٽ فوڊ جا ڪيترائي نقصان ظاهر ٿيا آهن. اڄڪلھ صنعت کاڌن جا ڪيترائي مختلف قسم متعارف ڪرائي رهي آهي. هتي عام طور تي فاسٽ فوڊ جا نقصان پڻ آهن جن مان ڪجھ هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
1 غير معياري کاڌا ان ۾ ڪو شق ناهي ته فاسٽ فوڊ گهڻي مقدار ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان کاڌي جو معيار تمام ڪريل ۽ خراب ٿئي ٿو.
وڌيڪ چرٻي وڌائيندڙ؛
فاسٽ فوڊ ٻين کاڌن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چرٻي وڌائيندڙ آهي جنهن سبب ماڻهن ۾ وڌيڪ ٿولھ اچي ٿي جيڪو ڪيترين ئي بيمارين کي جنم ڏئي ٿو.
هيٺ ڪجھ بيماريون ڄاڻائجن ٿيون؛ 
الٽرا ڪئلريز ، انسيولن ريزسٽنس، بلڊ پريشر جو وڌي وڃڻ، بلڊ شگر کي وڌائيندڙ، هاءِ ڪولسٽرول، مٿي جو سور، ساھ جي گهٽتائي ۽ ڏندن جون بيماريون جنم وٺن ٿيون.
اهو چيو ويندو آهي ته فاسٽ فوڊ ڪيترو صحت لاءِ سٺو  آهي  يا نقصانڪار آهي، ڪيترا ئي ماڻهو فاسٽ فوڊ واپرائيندا آهن، ڪجھ ٻين کان وڌيڪ پسند به ڪندا آهن ته کائيندا آهن هڪ ڳالهه ته هر ڪنهن کي ذائقو چکڻ پسند اچڻ ماڻهو کان ماڻهو تائين مختلف آهي ۽ سندن خيال به فاسٽ فوڊ حوالي سان مختلف آهن.
اسين فاسٽ فوڊ کائڻ بابت ڪجھ فائده بيان ڪنداسين؛
1 فاسٽ فوڊ گهر جي تيار ٿيل ماني ۽ ريسٽورنٽ ۾ ملندڙ ماني کان سستو پوي ٿو ۽ اهو پڻ اسان جي وچولي طبقي جي ماڻهن جي عام پسند آهي.
2 وقت جي بچت ٻيو بازار سبب اهو ته فاسٽ فوڊ ٻين کاڌن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ وقت ۾ تيار ٿئي ٿو.
فاسٽ فوڊ جي ٺهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ شيون جيڪي اسان کي دوران انويسٽيگيشن معلوم ٿيون؛
سائٽرڪ ايسڊ، فرڪٽوز ڪارن سيرپ، ڪامن سوئيٽنر، ڪيريمل ڪلر، ايڊٽو،  سالٽ، ڪامن فلور، اسپائيس، مونو سوڊيم گلوٽوميٽ، نياسن، سويابين آئل، زينٿم ۽ چڪن شامل آهن.
ڏٺو وڃي ته فاسٽ فوڊس صحت لاءِ فائديمند نه آهن پر تنهن هوندي به عام ماڻهن جو انهن طرف لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي انڪري فوڊ ڊپارٽمينٽ جي اختيارين کي گهرجي ته فاسٽ فوڊ تيار رکندڙ سڀني هوٽلن، ريسٽورنٽس تي نظر وجھندي کين چڪاسڻ سان گڏوگڏ کين ڪجھ حدون به مقرر ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن عام واهپي جو شين م نقصاندار مادن کي گهٽائي سگهجي.

The work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

پروفائيل

المعروف ثمرينه ريسٽورنٽ
By.............
30 سالن کان هلندڙ مشهور ۽ المعروف ايگريڪلچر ڪامپليڪس جي سامهون ۽ گِدو چوڪ تي قائم ثمرينه ريسٽورنٽ جيڪو هن وقت پنهنجا پورا 30 سال ڪري چڪو آهي، هي ريسٽورنٽ صبح جو 7 بجي کلندي ئي ناشتي لاءِ ايندڙ سوين گراهڪن جنهن۾ مزدور طبقو شاگرد ۽ آفيسر طبقو پڻ هوندو آهي هي ريسٽورنٽ پنهنجي ٽائيم ۽ نالي طور مشهور هئڻ ڪري ڪامپليڪس ۾ رهندڙ سوين شاگرد پڻ پنهنجي کائڻ پيئڻ جو روٽن جنهن ۾ منجهند جي ماني رات جي ماني ۽ ناشتو هتي ڪندا آهن. 5 دڪانن تي مشتمل هي ريسٽورنٽ ٻن شفٽن تي هوندو آهي جنهن جي هر هڪ شفٽ ۾ 7 مزدور هوندا آهن جنهن ۾ ٻه ماني پچائڻ وارا ٻه ڀاڄي ڪرڻ وارا هڪ پاڻي ڏيڻ وارو ڀيرو ۽ ٻه ٽيبل وارا ، هڪ شفٽ صبح 7 کان شام 5 تائين هلندي آ ته ٻي وري 5 کان رات جو 12 بجي تائين.
ريسٽورنٽ جو مالڪ اعجاز ٻڌائي ٿو ته 15 سال اڳ هي ريسٽورنٽ منهنجو والد انوارلحق هلائيندو هو ۽ ان جي لاڏاڻي کانپوءِ اها زميداري آءُ سنڀالي رهيو آهيان جڏهن ته مون نوٽ ڪيو آهي ته اسان جي ريسٽورنٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ شاگرد کائڻ پيئڻ لاءِ ايندا آهن ۽ اهي سٺو ورتاءُ ڪندا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته روز اسان 5 ڪلو گوشت 20 ڪلو مرغي هلائيندا آهيون جڏهن ته سبزي پيٽن جي حساب سان هفتي جي وٺي ڇڏيندا آهيون جڏهن ته چاءِ لاءِ ٻه مڻ کير هلائيندا آهيون ان سان گڏوگڏ کائڻ جو تيل به ٻڌي حساب سن وٺندا آهيون ڪامپليڪس ۾ رهندڙ شاگردن ۽ مزدورن جو چوڻ آهي ته اسين ڪافي سالن کان هن هوٽل تي ماني کائيندا آهيون سٺي ڪوالٽي هجڻ ڪري هي هوٽل نه صرف ڪامپليڪس ۾ مشهور آهي پر ان سان گڏوگڏ حيدرآباد جي مختلف جڳهين تان اچي ماني کائيندا آهن.
 ثمرينه هوٽل سان لڳ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ۾ پڻ هوٽل آهن جڏهن ته سامهون به ريسٽورنٽ کلي چڪا آهن پر ثمرينه جو معيار ساڳيو ئي رهيو آهي رمضان جي مهيني ۾ ثمرينه جو هڪ خاص پيڪيج به هوندو آهي روزيدارن کي پراٺي سان گڏ ڇولا ڀاڃي مفت ۾ ڏني ويندي آهي تنهن ڪري هن هوٽل جو کاڌو رمضان ۾ به دل سان کائڻ پسند ڪندا آهن، هن هوٽل جي بيٺڪ سٺي ۽ کليل اهي جڏهن ته گراهڪن لاءِ سٺي ماحول جو سبب پڻ آهي 
The work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi  What about Ibrahim and others? Maintain proper paragraphing. Fotos? 
In eating out places only main hotels are not included. some other spots, fish point etc    

No comments:

Post a Comment