حيدرآباد جا مالشي
The work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
(تاريخ،مالش ڪرائيندڙ جا رايا)
راشد لغاري
بقول شڪسپئر جي دنيا هڪ اسٽيج آهي.هر انسان هن اسٽيج جو ڪردار آهي.هر انسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري اسٽيج تان
رخصت ٿي ٿو وڃي. اسان جي زندگي روز مره جي زندگي ۾ بيشمار ڪردار اس جي زندگي ۾ گھمندي پهرندي نظر ايندا آهن.اسان بـ هنن سان گڏ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهيون پر اسان اهيو ناهيون سوچندا تـ ٻيا ڪردار پنهنجو رول ڪئي ادا ڪن ٿا.هنن هلندر گھمندڙ ڪردارن مان اسان کي ڪٿي ميون کپائڻ وارا،ڪٿي رڪشـ وارو،ڪٿي پينو فقير ۽ وري ڪٿي ڪنھن روڊ جي ڪنڊ تي پارڪ وٽ مالش ڪندڙ مالشي نظر ايندا آهن.
مالشي کي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي تـ هن جا ثبوت ٽي هزار سال پهرين چين ۽ 25 سو سال پهرين مصر جي تهذيب ۾ ملن ٿا،جنهن ۾ مالشي جو اهم ڪردار رهيو آهي.مالشي جو ڪم غريب کان وٺي بادشاه جي دربار تائين رهيو آهي.اڄ جي جديد دور ۾ بـ مالش پنهنجي روايتي انداز سان اڳتي وڌي آهي،هن جي واضح مثال مساج سينٽر آهن.جيڪي دنيا جي ننڍن وڏن شهرن ۾ موجود آهن.دنيا ٿائي مساج سڀني کان مشهور آهي.اسان جو ڪردار حيدرآباد جا اهي مالشي آهن جيڪي شام ٿيندي هي ڇِن ڇِن جي آواز ڪندي روڊ جي ڪناري،روڊ واري فوٽ پاٿ تي،ڪنهن هوٽل تي يا وري هن جي آس پاس کٽون تي هنڌ بستره وڇائي گيراڪ جي انتظار ۾ ويٺل نظر ايندا آهن.
حيدرآباد شهر جيڪو تاريخي پس منظر جي لحاظ کان وڏو پراڻو شهر آهي.مالشي جي تاريخ بـ هن شهر ۾ اوتري هي پراڻي آهي.انهي جو هڪ اهم مثال ٽالپر دور جو حڪمران مير فتح علي ٽالپر جڏهن پنهنجي مصروفيات مان ٿڪجي پوندو هو تـ مالشي هي هن کي زور ڏئي ۽ مالش ڪري هن جي ٿڪاوٽ دور ڪندو هو.هن وقت بادشاه سلامت دربار ۾ مالشي جي وڏي اهميت هوندي هئي.
موجوده دور ۾ حيدرآباد ۾ مالشي واري ڪم کي ڪجھ خاص اهميت ناهي انهي جا مختلف پهلو آهن.سڀني کان پهرين تـ مالش ڪرائيندڙ ماڻهن جو رجحان گھٽجي ويو آهي، ٻيو تـ هن مالشي هاڻي هن هنر کي صرف ڪمائي جو ذريعو ٺاهي ڇڏيو ٿن.
مالشي حيدرآباد ۾ قاسم آباد، لطيف آباد، نياپول، سبزي منڊي، بس اڏن، ٽرڪن جي اڏن تي پنهنجي مخصوص ڇِن ڇِن جي آواز سان ملندا پر سڀني کان وڌيڪ هن وقت حيدرآباد شهر ۾ سڀني کان وڌيڪ مالشي اوهان کي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن وٽ نظر ايندا هنن مان اَسي سيڪڙو مالشي ملتان يا وري هن جي آس پاس وارن علائقن مان هتي پنهنجي هنر جا جوهر ڏيکارڻ آيا آهن.هي پنهنجو گھر ٻار ڇڏي هتي هوٽل جي ڪمري ۾ هڪ کان ٽي ڄڻا روز جي مسواڙ تي رهن ٿا.
مالشي کان جڏهن ڪير انٽرويو وٺڻ ويندو آهي تـ پهرين هو لنوائيندا آهن تـ متان هي پوليس وارا يا ٻيا ڪير تـ ناهن جيڪي اسان کي گرفتار نـ ڪرائي ڇڏن.ريلوي اسٽيشن تي استادن جو استاد مالشي رشيد پهلوان هو،2005 ۾ هو هن فاني دنيا مان رخصت ٿي ويو هو.هن بابت مالشي چون ٿا تـ هن جهڙو ڪاريگر اسان اج تائين ناهي ڏٺو ڇو تـ هن وٽ پري پري کان ماڻهن مالش ڪرائڻ ايندا هئا.عزز استاد جو هي شاگرد هو هن چيو تـ استاد پهلوان کان پوءِ يتيم ٿي ويا آهيون.
حيدرآباد شهر ۾ اوهان کي مالش ڪرائيندڙ گهڻو ڪري غريب طبقو نظر ايندو،ڇا ڪاڻ تـ پيسي وارا ماڻهو اڪثر مساج سينٽر جو رخ ڪن ٿا.۽ اڪثرماڻهو کلي فضا ۾ مالش ڪرائڻ کي عيب سمجهن ٿا،ڇوتـ مالشي هڪ کُلي ڄگھ تي ويٺا آهن تنهن ڪري ماڻهو شرم جي ڪري مالش ڪرائڻ کان لنوائن ٿا. مالشن موجب هنن جو وڌيڪ ڪاروبار گرمي جي موسم ۾ ٿيندوآهي،جڏهن تـ سياري ۾ ڄڻ ڪُڪڙو ڪو لڳي پئي هوندي آهي.
ڪجھ عرصي کان حيدرآباد ۾ هن ڪم جي آڙ ۾ ٻـ نمري ڪم بـ کلي عام جاري آهي،مالشي ڪارن ڌنڌن ۾ ملوث رهيا آهن،سبزي منڊي ۾ هڪ پنجاب جي واپاري هلندڙ پهرندڙ کان مالش ڪرائي،مالش وقت هن کي ننڊ اچي وئي ۽ هو مالشي هن جا موبائيل فون،ٻـ لک نقد رقم کرين فرار ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن بـ هٿ نـ آيو.هتي هنن جي رجسٽريشن بـ ناهي ٿيندي جئين پنجاب ۾ ٿيندي آهي ڦرون ڪرڻ جو اهو بـ سبب آهي.هي تـ هڪڙو واقعو آهي اهڙا کوڙ سارا واقعا وقت سان گڏ پيش ايندا رهيا آهن.اهڙن واقعن مالشن جي ڪاروبار کي ڪافي وڏو نقصان پهچايو آهي.
اسان جڏهن هٽڙي بائي پاس وٽ مردان هوٽل جي ٻاهران پيل صندل،جنهن تي وڇايل ايراني قالين هو،هن تي نعمان پٽاڻ ٽرڪ ڊرائيور مالشي کان مالش ڪرائي رهيو هو،هن چيو تـ آئون ڪافي سالن کان فراز بهائي کان مالش ڪرائي رهيو آهيان، مالش سان منهنجي ٿڪاوٽ دور ٿي وڃي ٿي ۽ آئون پاڻ کي چست محسوس ڪندو آهيان.جسم جون نسون پنهنجو ڪم سهي طريقي سان ڪنديون آهن.هن اڃا وڌيڪ چيو تـ مالش انسان لاءِ انتهائي ضروري آهي. فالج بيماري خطرناڪ بيماري آهي جيڪا انسان کي جڏو ڪري ٿي ڇڏي،تڏهن اهي مالشي هي بيمار جسم کي اهڙي ريت مالش ڪندا آهن،جو مريض هلڻ گهمڻ جيهڙو ٿي ويندو آهي.
قاسم آباد جي هوٽلن تي ماڻهن اڪثر شوقيا مالش ڪرائيندا آهن.گيراڪ جيڪي روز مالش ڪرائيندا آهن.هنن جو چوڻ هو تـ مالش جڻ تـ گاڏي جي ٽيونگ وانگر آهي انسان کي هر مهيني ڪرائڻ گھرجي.ڪيفي عبيد جو ملازم وقار هن جو چوڻ هو تـ مالش هڪ نشو آهي جيڪڏهن ڪنهن هڪ بـ چڪر ڪرائي تـ هن جو عادي ٿي ويندو ڇو جو اسان وٽ ڪجھ ماڻهو ايندا هي مالش ڪرائڻ آهن جيڪڏهن هو مالش نٿا ڪرائين تـ رات جو هنن کي ننڊ ناهي ايندي.مالشي پاران جيڪو تيل استعمال ڪيو وڃي ٿو هن جي بـ شڪايت ڪن ٿا.سائينٽيفڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي تـ مالشي جا انيڪ فائده آهن.
ٻين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنلاجي سان هر ڪم اڳتي وڌندو آهي پر هتي ائين ناهي اهو ڪم ڏينهون ڏينهن پوئيتي ٿي ويندو آهي.مالش وارو ڪم بـ هتي ائين ختم ٿيندو پيو وڃي خاص ڪري حيدرآباد جيهڙي شهر ۾ هزارن مسئلن جي ور چڙهيل آهي
.

Photo are needed. Some part of Shahrukh and urs is same. Some spelling and proof mistakes
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
No comments:
Post a Comment