Thursday, December 3, 2015

حيدرآباد جا گيسٽ هائوس...!

Referred back
حيدرآباد جا گيسٽ هائوس...!

گيسٽ هائوس آهن انهن کي بند ڪرائي غير رسمي حرڪتن کان نوجوان نسل کي بچايو وڃي.
1.ڀانو مل پارٽ ٽيون 27
2.ڌرمداس پارٽ ٽيون 31

3.مختيار علي پارٽ ٽيون 75


سنڌ ۾ مهمانن جي خاطر داري دل و جان سان ڪئي ويندي آهي ۽ ڪجهه سنڌ  جي وڏن شهرن ۾ ڪرائي جي حوالي سان گيسٽ هائوس ٺهيل هوندا آهن، جنهن ۾ ٻاهراين کان ايندڙ شادي شده جوڙا، غير شادي شده ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو ايندا آهن ۽انهن لاءِ مختلف قسم جا ڪمرا هوندا آهن، جئين سنگل روم،ڊبل روم، 
اسٽينڊرڊ روم، اهي سڀئي ڪمرا مختلف ريٽن تي هوندا آهن.
1. سنگل روم ۾ صرف هڪ بيڊ ، واش روم، ٽي وي، واٽر  ڪولر ۽ ٻيون سهولتون آهن.
2. ڊبل روم ۾ ٻه بيڊ ۽ ٻيون ساڳيو سهولتون ملي وينديون آهي.
3. اسٽينڊ روم ۾ اي سي، هيٽر ۽ کاڌي سميت سڀ سهولتون مهيان هونديون آهن. گيسٽ هائوس بڪ ڪرائڻ جو طريقو هيٺ بيان ڪيو وڃي ٿو.
4.پهريان هڪ رجسٽريشن فارم وٺڻو پوندو،  پوءِ انهي کي ڀري ڪري انهي سان شناختي ڪارڊ جي ڦوٽوڪاپي لڳائي ڪري ريسيپشن تي جمع ڪرائڻي پوندي آهي.
5. ان کانپوءِ ايڊوانس پئسا جمع ڪرائڻا پوندا،  پئسا ڏينهن ۽ ڪلاڪن جي حساب سان ورتا ويندا آهن، جيڪڏهن توهان ٻن ڏينهن جي بڪنگ ڪرائڻي آهي ته انهي حساب سان پئسا جمع ڪرائڻا پوندا، جيترا ڏينهن اوترا پئسا،
6. پوءِ توهان کي روم ڏنو ويندو، الاٽ ڪيو ويندو آهي.
7. حيدرآباد جي گيسٽ هائوسن ۾ مهمانن کي ملندڙ سهولتن ۽ انهي جي حوالي داخلا جو   جيڪو پراسسس آهي،

حيدرآباد ۾ گيسٽ هائوسن جو تعداد 103 آهي، جتي ملڪي توڙي ٻاهر ملڪن جي ماڻهن کي رهائش ڏني
 ويندي، گهڻو وقت اڳ ماڻهن کي شهرن ۾ رهائش جي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي پر هاڻ اها گهڻي تعداد ۾ سنڌ جي هر شهر ۾ گيسٽ هائوس جي صورت ۾  انتظام   پڻ ٿيل آهي، گيسٽ هائوسن ۾ سيڪيورٽي، گاڏي پارڪنگ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون وينديون آهن، پهريان ٻاهرين ملڪن ۾ ايندڙ ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف هوندي هئي پر هاڻي با آساني سان گيسٽ هائوس بڪ ڪرائي سگهجن ٿا، گيسٽ هائوس بڪ ڪرائڻ جو هڪ پراسس آهي، جنهن ماتحت گيسٽ هائوس ملي سگهندو آهي، گيسٽ هائوسن جا ڪيترائي قسم آهن، اهو توهان پاڻ تي ڊيپينڊ ڪري ٿو، توهان ڪهڙي ڪئٽگري جو ڪمرو وٺڻ چاهيو ٿا، جيڪڏهن توهان سادو ڪمرو وٺندا ته انهي جا پئسا گهٽ جيڪڏهن سٺو ڪمرو جنهن ۾ اي سي به لڳل هجي، جنريٽر جو به بندوبست هجي اهو وري سادي کان مهانگو هوندو، ڪجهه گيسٽ هائوس صرف فيملي جي لاءِ هوندا آهن، انهن ۾ بئچلر کي ڪو نه رهائش ڏني ويندي آهي، ڪجهه گيسٽ هائوسن تي کاڌي جو انتظام هوندو ۽ باقي ٻين تي ڪو نه هوندو پر جنهن تي  کاڌي جو انتظام ڪو نه هوندو آهي، اتي  انهن کي کاڌو کائڻ لاءِ برتن ڏنا ويندا آهن ۽ کاڌو گھرائي ڏنو ويندو آهي. هر گيسٽ هائوس تي ويٽر رکيل هوندا آهن، جيڪي خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، ڪمرن ۾ ڪائونٽر فون سسٽم به لڳل هوندو آهي، جنهن شيءَ جي ضرورت پوندي آهي، ڪال ڪري گهرائي وٺندا آهن، گيسٽ هائوس اندر صفائي جو ڏاڍو خيال رکيو ويندو آهي، ٻيو ته هر ڪمري ۾ الڳ باٿروم جي سهولت به هوندي  آهي،  ڪپڙا بدلي ڪرڻ جو به هڪ الڳ ڪمرو هوندو آهي، ۽ ڪمري اندر پلنگ جي سهولت پڻ هوندي آهي.

انهي حوالي سان اسان مختلف گيسٽ هائوس سروي ڪيا پر ڪجهه مکيه گيسٽ هائوس هي آهن
1 سائبان
2ريئل ڪاٽيج
3 رائيل تاج
4 لاارش وي وي آءِ پيءِ گيسٽ هائوس
5 ڊاولينس
6 گريس ان

اسانجي جي هن اسائينمينٽ دوران اسان کي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻوپيو، جنهن کانپوءِ وڃي اسان ڪنهن ضروري ڄاڻ تائين وڃي پهتاسين ۽ اسانجو هي سروي تمام ئي دلچسپ رهيو ڇو ته انهي دوران اسانکي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو ڇو ته اسانکي گيسٽ هائوس بابت پراپرڄاڻ ڏيڻ وارو ڪو ماڻهو ئي نه ملي رهيو هو، جيڪو اسانکي پوري طريقي سان ان بابت اگاهي ڏئي سگھي،انهي سروي دوران اسان حيدرآباد جا ڪيترائي گيسٽ هائوس وزٽ ڪيا ۽ هر گھڙي اسانجي اها ڪوشش رهي ته وڌ کان وڌ ۽ الڳ قسم جي ڄاڻ حاصل ڪجي ته جئين هڪ اڻڄاڻ ماڻهو جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿي سگھي، جتي به وياسين پئي، اتي اسان کي ڪنهن نه ڪنهن نئين واقعي کي منهن ڏيڻو پئي پيو ڇو ته گيسٽ هائوس تي ويٺل تمام جا تمام ملازم ڪو خاص تعليم يافته نه هئا سواءِ مالڪ جي ٻيا سڀ جا سڀ اڳوٺي ڇاپ هئا، تنهن ڪري انهن جي لاءِ جي اها سروي  ڪا خاص معنيءَ نه هئي گيٽ تي ويٺل سيڪيورٽي گارڊ به عجيب قسم جا هئا، اسان ٽئي شڪل کان صفا معصوم ۽ سادڙا هوندي به انهن اسانجي تلاشي واري رسم پوري ڪئي  ۽ انهي مسئلي جي ڪري اسان جنهن به ماڻهو کي سڃاڻپ ڪرائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته انهن لاءِ اسان ڄڻ  ڪو ٻئي جهان جا ماڻهو هجون، جيڪو انهن کان ڪجهه اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجون ۽ انهي ڪري اسان کي هر ڪنهن ماڻهو هڪ الڳ لهجي  سان پئي ڏٺو اهو مسئلو انهي ڪري پيش اچي رهيو هو، جو هڪ تي اسان ٽي ئي گروپ ميمبر جسم ۾ همت ڀريا هئا تنهن ڪري انهن اسان کي ڪوخاص اٽينشن نه ڏنو تنهن هوندي به اسان همت نه هاري ۽ پنهنجي ڪوشش کي جاري رکندي هر ماڻهو کان وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتي به وياسين پئي اتي هر ڪنهن جو رويو عجيب قسم جو هو پر پوري سروي دوران جيڪو هڪ ڳالهه ساڳين رهي اها هي هئي ته هر ڪنهن جي ذهن ۾ هي سوال اٿي رهيو هو ته اسان ڪنهن نجي اداري يا چينل جي طرفان هي سروي ڪري رهيا آهيون ۽ هي ڪا ڄاڻ ڊاڪيومينٽري جي صورت ۾  ڪنهن چينل تي نشر ٿيندي تنهن ڪري هر ڪنهن اسان کي پڇيل سوالن جا جواب سوچي سمجھي پئي ڏنا هڪڙي همراهه ته اسان کان ڪارڊ به گھريا ۽ اسان هن کي ڊپارٽمنيٽ  جا ڪارڊ به ڏيکاريا تنهن کانپوءِ وڃي هن اسان کي پنهنجي گيسٽ هائوس جي  باري ۾ مڪمل طور ڄاڻ  ڏني ائين ئي اسان پنهنجي مليل اسائينمينٽ جو ڪم پورو ڪيو. اسان کي انهي سروي ۾ تمام گھڻو مزو به ته اسين هڪ صحافي جي حيثيت ۾ سروي پيا ڪريون. اهو انهي جي ڪري هو ته اڪثر ڪري گيسٽ هائوس ۾ رهائيش سان گڏ ٻيا عجيب و غريب ڪم ٿيندا آهن ،هر ڪو پنهنجي بچاءِ پيو ڪري جهڙو نيب يا ٻئي ڪنهن سرڪاري اداري جي جاچ پئي هلي.


حيدرآباد ۾ ڪيترائي اهڙا گيسٽ هائوس آهن، جيڪي صرف فحاشي جي لاءِ استعمال آهن. جنهن ۾ ڪال گرل ..................،وغيره وغيره.ڪيترائي اهڙا گيسٽ هائوس آهن، جيڪي بغير ڪنهن رجسٽريشن  ۽ لائسنس تي هلي رهيا آهن. ڪجهه اهڙا آهن، جنهن کي پنهنجو هڪ ڪوڊ ورڊ مليل هوندو آهي.ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ شهرين لاءَ هڪ خاص قسم جي رجسٽريشن سسٽم هوندو آهي.سڀ کان پهرين هو انهن جو پاسپورٽ ۽ ليٽر چيڪ ڪندا آهن ،پوءِ انهن کي داخلاءِ ڏيندا آهن.انهي کانپوءِ ٿاڻي تي انهن جي داخلا ٿيندي آهي،جنهن بعد ڊي آءِ بي نالي اداري ۾ رجسٽريشن ٿيندي آهي،سيڪيورٽي جي ذميواري پوليس ۽ انتظاميا جي هوندي آهي. اهڙي طرح ڪيترائي اهڙا غير رجسٽرڊ گيسٽ هائوس آهن. انهن ۾ رات جي  11 بجي کان پوءِ اهي لاهور جي هيرامنڊي، کان گھٽ نه  هوندا آهن .ڊانس،مجراه شيشو ،راڳ رنگ ۽ شراب شباب جون محفلون ٿينديون آهن، مهمانن کي لطف انداز ڪرڻ لاءَ اهي پروگرام ٿيندا آهن،اهڙن گيسٽ هائوسن ۾ منٿلي مقرر ٿيل هوندي آهي ، اهڙي طرح ڪيترائي اڻ وڻندڙ واقعا ٿيندا آهن. انتظاميا کي گھرجي ته بغير لائسنن جي جيڪي به 
گيسٽ هائوس آهن انهن کي بند ڪرائي غير رسمي حرڪتن کان نوجوان نسل کي بچايو وڃي.


1.ڀانو مل پارٽ ٽيون 27
2.ڌرمداس پارٽ ٽيون 31

3.مختيار علي پارٽ ٽيون 75

2 comments: